سنڌ ۾ ناظم جوکئي جهڙا هزارين قتل ٿي رهيا آهن: سينيٽر سيف الله ابڙو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر سيف الله ابڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ رڳو پکين جو شڪار ناهي ٿيندو، سنڌ ۾ شڪار تي ايندڙ عرب شهزادن جا ڪم ٻڌائيندي شرم محسوس ٿيندو آهي.

اسلام آباد ۾ انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ڄام عبدالڪريم عرب مهمانن کي گھرايو، ايم پي ايز جا گارڊ ناظم جوکيو کي فارم هائوس تي پڪڙي ويا، افضل پنهنجي ڀاءُ ناظم ڀاءُ جون رڙيون ٻڌيون، سنڌ پوليس ناظم جي قتل ٿيڻ باوجود ايف آءِ آر ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، ناظم جوکيو جي گھرڀاتين سندس مڙهه نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو تڏهن وڃي ايف آءِ آر ٿي. سنڌ ۾ هزارين اهڙا قتل ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته سنڌ ۾ رڳو پکين جو شڪار ناهي ٿيندو، سنڌ ۾ شڪار لاءِ ايندڙ عرب شهزادن جا ڪم ٻڌائيندي شرم محسوس ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.