سعيد غني جي وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي اطلاعات بابت وزير سيد غني وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي ته هي ڇا کائيندا آهن، جو  چون ٿا ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت هنن جي هوندي.

ڪراچي ۾پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ٻڌو آهي ته هڪ شخص کي پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر بڻايو ويو آهي،  خوشي آهي ته جيڪا بچيل تحريڪ انصاف آهي اُها به هاڻي ختم ٿي ويندي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جو سنڌ مان صفايو ٿي ويو آهي، پر خبر ناهي هي ڇا کائي ايندا آهن،  جو چون ٿا ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت هنن جي هوندي.

سندس چوڻ هو ته فردوس شميم نقوي اسيمبلي ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته فردوس شميم ڪڏهن استعيفيٰ ڏيندو.

صوبائي وزير چيو ته تحريڪ انصاف جي نالائقين جي ڪري ملڪ کي خطرو آهي، هي جن جي ڪلهن تي آهي، اهي به هنن جو بار کڻي کڻي تنگ ٿي چڪا آهن.

مڪاني بل ۾ ترميم جي حوالي سان سعيد غني چيو ته گورنر سنڌ جي اعتراضن بعد قانون ۾ ترميم  به ڪئي وئي، جن کي اعترض آهي، اُهي اسيمبلي ۾ ترميمون آڻين، دليل ڏين، ٿي سگهي ٿو اسان اوهان جي ڳالهه مڃي وٺون.

اطلاعات بابت صوبائي وزير چيو ته نئين سال جي شروعات ۾ حڪومت تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي، ماهر  چئي رهيا آهن ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ملڪ دشمني آهي، پر پوءِ به تحريڪ انصاف جي حڪومت معاهدو ڪيو، هن حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پي ٽي جو ارسطو جيڪو هر مرض جي دوا آهي چوي ٿو ته سنڌ جو لوڪل گورنمينٽ قانون پاڪستان لاءِ خطرو آهي، ماهر چئي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ جي مني بجيٽ ملڪ دشمن آهي.

هن چيو ته سال جي پهرين ڏينهن ئي پيٽرول مهانگو ڪيو ويو وفاقي حڪومت ٽن سالن کان عوام تي ظلم جا رڪارڊ قائم ڪندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.