اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، وڏي وزير خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي وبا ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي تيزي سان پکڙجڻ کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ويڪسينيشن وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ صحت بابت صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، مرتضيٰ وهاب، پارليامينٽري سيڪريٽري قاسم سومري، وقتي طور چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، پرنسيپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي، ڊاڪٽر باري، صحت بابت سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

ان دوران حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ڪمشنرز وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته 3 ڊسمبر 2021ع تي سنڌ ۾ 261 ڪورونا جا ڪيس هئا جڏهن ته جنوري 2022ع تي 403 ڪيس رپورٽ رپورٽ ٿيا آهن.

بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2021ع ۾ اومي ڪرون ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ 351 ڄڻن جا جزا ورتا ويا، جن مان 175 اومي ڪرون جا ڪيس ظاهر ٿيا.

اجلاس دوران ڏنل بريفنگ موجب گذريل ستن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ 4.91 سيڪڙو، حيدرآباد 1.41 سيڪڙو ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 1.12 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، هفتيوار ڪووڊ ڪيسن جي حوالي سان ڪراچي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ 8 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ 4، ڪراچي جي وچين ضلعي، گھوٽڪي، مٽياري ۽ ميرپورخاص ۾ 2-2 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا.

اجلاس کي بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل 30 ڏينهن ۾ 51 ڪورونا مريض فوت ٿي ويا، 51 مان 40 مريض اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 6 ڄڻا وينٽيليٽر تي نه هئا ۽ 5 مريض گھرن ۾ فوت ٿيا.

اجلاس کي خطاب دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسان جي ماڻهن کي وڌيڪ احتياط ڪرڻو پوندو.

ان دوران وڏي وزير ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 7000 ٽيسٽ کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ جي به هدايت جاري ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.