وفاق جا اعتراض رد، سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ داخلائون شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلا پاليسي تي وفاق جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.

سنڌ جي سرڪاري اسڪولن کان پوءِ نجي ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز 50 سيڪڙو مارڪن تي يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ ايم بي بي ايس جي داخلا لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيا.

واضح رهي ته پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن داخلا لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 65 سيڪڙو مارڪون مقرر ڪيون هيون جڏهن ته سنڌ حڪومت 65 سيڪڙو مارڪن تي اعتراض واريندي صوبي ۾ داخلا  لاءِ 50 سيڪڙو پاسنگ مارڪس مقرر ڪيون هيون ۽ ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا 50 سيڪڙو مارڪن تي داخلا جي منظوري به ڏني هئي جنهن کي پي ايم سي رد ڪري ڇڏيو هو.

۽ هاڻ ان سلسلي ۾ بقائي يونيورسٽي ڪراچي، همدرد يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي، جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج سميت 11 يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز 50 سيڪڙو مارڪن تي داخلا لاءِ اشتهار ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تحت اميدوار 5 جنوري کان 20 جنوري تائين داخلا جا فارم ڀري سگھندا.

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته پي ايم سي جي بل ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته ايڊميشن يا رجسٽريشن لاءِ 65 سيڪڙو مارڪون لازمي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.