ڀارت ۾ انتهاپسندي ۾ واڌ، مسلمان عورتون نيلامي لاءِ پيش

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) انتهاپسندي جو هڪ ٻيو مثال سامهون اچي ويو، ڀارتي ايپ تي ملالا سميت 100 مسلمان عورتون نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو.

ڀارت ۾ مسلمانن سان نفرت ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان جو تازو مثال آن لائن ڀارتي ايب ” بلي بائي “ تي نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل مسلمان 100 عورتون آهن.

قطري ميڊيا جي اداري الجزيرا جي هڪ رپورٽ موجب ڀارتي ايپ ” بلي بائي “ تي 100 عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي انهن کي آن لائن نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو.

نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل عورتن جي تصويرن ۾ مسلمان اداڪارا شبانا اعظمي، نوبل انعام يافتا ملالا يوسف زئي، دهلي هاءِ ڪورٽ جي جج جي زال سميت ڪيترن ئي سياستدان ۽ سماجي ورڪرز کي شامل ڪيو ويو آهي.

بلي بائي تي نيلامي ۾ پيش ڪيل 100 عورتن ۾ ڪشميري صحافي قرت العين زهبر تي جو نالو به شامل آهي.

قرت العين گذريل سال سلي ڊيلز ۾ عورتن جي نيلامي جون تصويرون جاري ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو هو، جنهن ڪري هن ڀيري اُن جو نالو به فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ٻيو ڀيرو مسلمان عورتن جون تصويرون شيئر ڪري انهن کي نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي،گذريل سال به  ڊيلز نالي ڀارتي ايپ تي 80 کان وڌيڪ مسلمان عورتن کي وڪري جي لاءِ پيش ڪري انهن جي توهين ڪئي هئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.