وفاقي سرڪار نواز شريف کي ڏيهه آڻڻ لاءِ سرگرم، اٽارني جنرل جون تياريون تيز

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اٽارني جنرل خالد جاويد لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت جي لا آفيسرن سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب ملاقات ۾ شهباز شريف جي حلف نامي تحت نواز شريف جي اپيل تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته وفاق جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اٽارني جنرل لا آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪيسن جي ڀرپور تياري ڪري عدالتن ۾ پيش ٿين ۽ التوا هيٺ ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ڪوشش ڪن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو.

نواز شريف جي ڏيهه واپسي بابت پڇيل سوال تي فواد چوڌري چيو ته نواز شريف جي واپسي جي لاءِ وزير اعظم اٽارني جنرل کي هدايتون جاري ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.