وزيراعظم سميت سياسي ليڊرن ڪيترو ٽيڪس ڏنو؟ ايف بي آر جي ڊائريڪٽري جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) پارليامينٽ ميمبرن جي ٽيڪس ڊائريڪٽري جاري ڪري ڇڏي.

ايف بي آر طرفان جاري ڪيل ٽيڪس ڊائريڪٽري سال 2019ع جي ٽيڪس گوشوارن تي ٻڌل آهي.

ٽيڪس ڊائريڪٽري سال 2019ع موجب وزيراعظم عمران خان جي آمدني 4 ڪروڙ 35 لک رپيا هئي ۽ هن سال 2019ع ۾ 98 لک 54 هزار 959 رپيا ٽيڪس ڏنو.

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي آمدني 5 ڪروڙ 63 لک رپيا هئي ۽ هن 82 لک 42 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو.

پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي آمدني 28 ڪروڙ 26 لک رپيا هئا ۽ هن 22 لک 18 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو.

ان کانسواءِ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي سال 2019ع ۾ آمدني 3 ڪروڙ 81 لک رپيا هئي ۽ بلاول سال 2019ع ۾ 5 لک 35 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو.

ٽيڪس ڊائريڪٽري سال 2019ع موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي سالياني آمدني 83 لک رپيا هئا ۽ هن 2019ع ۾ 8 لک 51 هزار رپيا ٽيڪس ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.