مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي جنهن کي روڪڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان  چيو آهي ته اسان کي ملڪ کان ٻاهر ڊالر کڻي وڃڻ کي روڪڻو آهي.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پاڪ چين بزنس انويسٽمينٽ فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڀاڄيون وڪرو ڪرڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو، برآمدات وڌائڻ کانسواءِ ڪنهن به ملڪ جي ترقي ممڪن نه آهي.

وزيراعظم چيو ته مني لانڊرنگ غريب ملڪن جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، اشرافيا پيسا چوري ڪري ٻاهر موڪلي رهي آهي.

هن چيو ته سيڙپڪاري لاءِ وقت گھڻو اهم هوندو آهي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ چين جو فيڊ بيڪ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته اسان چين جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ انهن لاءِ وڌيڪ سولايون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.