ڪراچي ۾ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي پنجين لهر جي شروعات ڪراچي کان ٿي چڪي آهي.

وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جو اومي ڪرون قسم ٻيلي ۾ باهه جيان پکڙجي رهيو آهي.

اختيارين موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن جي هاڪاري شرح 7 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح رڳو 40 سيڪڙو آهي جنهن سبب ڪيس وڌي رهيا آهن.

صحت ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر لاهور جو آهي جتي اومي ڪرون سبب ڪيس وڌندا جڏهن ته اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جي ڪميونٽي ٽرانسميشن شروع ٿي چڪي آهي.

ڊاڪٽر فيصل سلطان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪيس روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪورونا ڪيس وڌڻ سان اسپتالن ۾ مريضن جو انگ به وڌندو.

هن چيو ته اهو چوڻ اڳڪٿي آهي ته اومي ڪرون قسم گھٽ خطرناڪ آهي.

واضح رهي ته اين سي او سي ۽ وفاقي وزير اسد عمر به پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جو خدشو ظاهر ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.