3 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

فقير محمد سنڌي فقير محمد سنڌي

¨ 3 جنوري 1922ع تي نالي واري قلمڪار، شاعر، نقاد، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.

¨ 3جنوري 1938ع تي ڀارتي سياستدان جسونت سنگهھ جنم ورتو.

¨ 3 جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر “جوش ٻرڙو” اصل نالو نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو قنبر تعلقي جي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پيدا ٿيو.

¨ 3 جنوري 1952ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار واجد اصل نالو شعبان علي منگي، لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو.

¨ 3جنوري 1955ع تي بلوچستان، اولھ پاڪستان تي مشتمل ون يونٽ ۾ شامل ٿيو.

¨ 3جنوري 1958ع تي ويسٽ انڊيز فيڊريشن جو عمل ۾ آيو.

¨ 3جنوري 1959ع تي الاسڪا، 49هين رياست طور آمريڪا ۾ شامل ٿيو.

¨ 3جنوري 1961ع تي آمريڪا، ڪيوبا سان سياسي رابطو ختم ڪيو.

¨ 3جنوري 1966ع تي ايوب خان، لال بهادر شاستري سان گول ميز ڪانفرنس لاءِ تاشقند روانو ٿيو.

¨ 3جنوري 2005ع تي ڀارت جي قومي سلامتيءَ جو مشير، جي اين ڊڪشٽ وفات ڪئي.

¨ 3جنوري 2007ع تي اڳوڻي صدر پاڪستان، جنرل پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪار ڪيو.

¨ 3جنوري 2008ع تي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت في بيرل 100 ڊالر تي پهتي.

¨ 3جنوري 2020ع تي بغداد جي بين الاقوامي هوائي اڏي جي ويجهو، ايراني جنرل قاسم سليماني کي شھيد ڪيو ويو.

¨ 3جنوري2020ع تي ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر حميد سنڌي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.