ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي.!

آزاد لال حسين

سونهاري سنڌ ۾ ڪارونجهر جبل جهڙا انيڪ  خوبصورت جبل ۽ ماڳ مالها جيان سنڌ جي سونهن وڌائڻ لاءِ موجود آهن، ڪارونجهر جبل جيڪو ٿرين سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن جي جياپي جي آس آهي  جنهن کي ڪافي وقت کان هن ملڪ جا واپاري حڪمران ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري وڪرو ڪرڻ جون رٿائون رِٿين پيا،

جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ اڃا باقي آهي. ملڪ  جا  حڪمران  جيڪي سنڌي ماڻهن جا ويري بڻجي ڪڏهن ڊيم جي شڪل  ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نالي تي سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڪڏهن ڪارونجهر ڪورين ٿا ته ڪڏهن سي پيڪ جي نالي ”ٿر بدلي گا پاڪستان“ جا ڀاشن ڏيئي ٿر جي زمينن هيٺيان ڪارو سون ڪوئلو ڪڍي بجلي پنجاب ڏانهن منتقل ڪن ٿا.

وقت جي حڪمرانن سادڙن ٿرين کي ”ٿر بدلي گا پاڪستان“ جي دلاسو ڏيئي پنهنجي زمينن تان بيدخل ته ڪري ڇڏيو پر اهو نعرو ڪوڙ ۽ فريب تي مبني هو ٿر ۾ ڪابه ترقي ناهي ٿي، خوشحال سنڌ جا ٿري جيڪو هاڻ بک ۽ بدحالي کي مونهن ڏيئي رهيا آهن ٿرپارڪر جتان وڏي تعداد ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿي پر ٿري اڄ به لالٽين ٻاري پنهنجو ڪاروهنوار ڪن ٿا.

حڪمرانن جي نعري موجب پنڊي ۽ اسلام آباد ضرور بدليا آهن پر سنڌ ۽ پاڙيسري صوبا ساڳئي حالت ۾ آهن، ڪارونجهر جي ڪٽائي سميت سنڌين سان ٿيندڙ انياءُ تي جڏهن به ڪو سنڌي قوم جو فرد ٻاڦ ٻاهر ڪڍي ٿو ته انهي تي غداري ۽ سي پيڪ جي مداخلت جهڙا خطرناڪ ڪيس داخل ڪري سزائون ڏنيون وڃن ٿيون،

ٿر جتان جا ماڻهو خوشحال هوندا هئا جن کي الائي جي ڪنهن جي نظر ورائي وئي آهي جو اڄ اهو ساڳي ٿريا وسڪاري جي مند ۾ ٿيندڙ قدرتي ڀاڄيون کنڀيون، پِپون، ٻاٽو، ڇانو، گوار سميت انيڪ ميوات ٿر جي روڊن تي وڪرو ڪندي نظر ايندا آهن ۽ هينئر اڪثر ٿر جا ماڻهون کير به وڪرو ڪن پيا اڳ ۾ ٿرين وٽ اهو شيون وڪرو ڪرڻ جو تصور ئي نه هوندو هو انهن سمورين شين وڪرو  ڪرڻ جو سبب بک بيروزگاري آهي ٿرين جو گذران مال تي هوندو هو جن کي بک ۽ بيروزگاري سبب پڙين جو رخ ڪرايو ۽ ڪي وري پيدا ٿيل خطرناڪ بيمارين جي نظر ٿي ويون.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ٿر ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو فعال هوندي به غيرفعال بڻيل آهي ضلعي ٿر پارڪر ضلعي عمرڪوٽ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جا وڏا سينٽر موجود هجڻ باوجود ماحولياتي گدلاڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪابه ويڪسين ناهي ٿيندي عمرڪوٽ واري تر  ۾ وٽرنري جون سرڪاري دوائون به نجي اسٽورن تي وڪرو ٿيندي نظر اينديون آهن خبر ناهي ته اهو ڪٿان کان اچن ٿيون، ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي،

سرڪاري اسپتالون ويران لڳيون پيون آهن ۽ نجي اسپتالن تي توڙي پرائيويٽ ڊاڪٽر به ڳوٺ ڳوٺ ۾ تيزي سان جانورن جو علاج ڪري رهيا آهن انهي کان علاوه ٿر ۾ تعليم به ناهي اسڪولون جيڪي اڳ قائم هيون تن کي استادن نه اچڻ ۽ کوٽ سميت ٻيا جواز ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٿر ۾ ڪابه يونيورسٽي قائم ٿيل ناهي، هندوستان جي بارڊر تي رهندڙ ٿر جا نوجوان تعليم پرائڻ لاءِ  ڄامشورو، ڪراچي، اسلام آباد، ۽ لاهور جو اڙانگو سفر طئه ڪري تعليم حاصل ڪن ٿا.

ٿر مان چونڊجي آيل نمائنده به پوئتي نهاري ٿرين جو حال تائين به نٿا وٺن ٿر مان سالن کان ڪيترائي پير مير وڏيرا رئيس ٿرين کي سکڻا دلاسا ڏيئي ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻي چڪا آهن سنڌ جي نامياري شاعر امام جنجهي ٿر جي اٻوجهه ماڻهن لاءِ ڪهڙيون نه خوبصورت سٽون سرجيون آهن ته

پاڻ ته آهيون ڀورا ماڻهو،

.من جا ماڳهين مُورا ماڻهو

 

ائين ٿر جا ڀورا ماڻهو ڪجهه ڄاڻڻ بغير هر دفعي ووٽ ڏئي حڪمرانن کي ايوانن  ۾ پهچائي پنهنجا ئي رستا سوڙها ڪندا آهن،  ٿر جتان شوڪت عزيز، شرجيل ميمڻ جيڪو ٿري ماڻهن جي ووٽ تي چونڊجي ملڪ جي اهم عهدن تي رهيا پر ٿر ۽ ٿرين جي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪارنامو سرانجام نه ڏنو موجوده وقت ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پير امير علي شاهه جيلاني ملڪ جي اهم عهدن تي براجمان آهن پر ٻنهي اڳواڻن قومي اسيمبلي ۾  ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت ناهي ڳالهايو.

آخر هي حڪمران ٿري ماڻهن کي ووٽ جي بدلي ڇا ڏين ٿا؟ ڪارونجهر  جيڪو تفريح گاهه سان گڏ سنڌي قوم جو مستقبل آهي دنيا جا ترقي يافته ملڪ پنهنجا معدني وسيلا  ايندڙ نسلن لاءِ بچائي رکندا آهن آمريڪا جو مثال وٺو جيڪو پنهنجا معدني وسيلا بچائي ٻين ملڪن کان گئس تيل خريد ڪري رهيو آهي، پاڪستان به تيل سعودي کان وٺي ٿو.

ٻين صوبن جا معدني وسيلا  قومن جو مستقبل لاءِ محفوظ آهن پر سنڌ جا معدني وسيلا  ليزن تي ڏئي سنڌي قوم جي ايندڙ نسلن کي ڪنگال بڻائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ڪيترن ئي دودن جو هن ڌرتي جي وسيلن بچائڻ لاءِ رت ريج طور ڏيڻو پوندو تڏهن ئي ڪارونجهر جهڙا خوبصورت ماڳ بچائي سگهنداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.