غلام نئين سال جون خوشيون ناھن ملهائيندا..

يوسف جميل لغاري

سال جي پڄاڻي کان ھڪ ڏينھن پھرين ئي ميسجن جا ڪرڙاٽ ھئا ڪٿي چراگاھ ھو ته ڪٿي  جشن ملهايو پئي ويون لوڪ ستي ھڪ سال جي پڄاڻي ٿي وئي ۽ ٻي سال جي شروعات تي مون ڪيلينڊر مان ھڪ ڪٽي ٻه لکي ڇڏيا.

پنھجي غلام دوستن کي مخاطب ٿي چيم اي منھجا غلام دوستو مون کي نئين سال جون مبارڪون نه ڏيو مان به توهان وانگر غلام آھيان ۽ توھان به مون وانگر غلام آھيو اسان جي ڳچي ۾ غلامي جا توڪ پيل آهن فرق صرف ايترو آھي ته توهان انھن جا عادي ٿي آھيون مبارڪون ته آزاد قومون وصول ڪنديون آهن .جن وٽ پنھجو گھر ھوندو آھي اسان لاوارث آھيون غلام قومن جا خواب ھر روز پل صراط تان ڪرايا وڃن ٿا مون ڪڏھن به عيد ھولي تي  خوش ٿي ناھيان کليو  ۽ نه ئي ڪنھن تھوار جي اچڻ تي جشن ملهايو آھي.

منھجا غلام ڀائرو ڇا توھان اھو سڀ ڪجھه ڏسي ڪيئن برداشت ڪري ٿا وٺو جڏھن اسان جي ڀينرن کي رستن گھليو وڃي ٿو انھن جي عزت آبروءَ کي تار تار ڪيو وڃي ٿو منھجي ڀائرن کي بنا ڏوھ جي صليب تي ٽنگي انھن جي جسمن تي ڪوڪا ھڻي ساڙيو وڃي ٿو اسان کي سڀ ڪجهھ اکين سان ڏيکاريو وڃي ٿو ته جئين اسان تي ان دھشت جو خوف تاري ٿي وڃي.

ڇا توھان معصوم ٻارڙن جون آھون دانھون نه ٻڌيون جيڪي ماني ڳڀي لاءِ تڙپندا رهيا سسڪندا رھيا سال جي انتها کان سال جي ابتدا تائين مون کي صرف رڙيون ڪوڪون ٻڌڻ ۾آيو مون ڪنھن به جھوپڙين ۾  ڪو خوشين جو تھوار ناھي ڏٺو ته پوءِ مان نئي سال جي آمد تي ڪھڙو جشن ڪيا حالتون ته اسان جي ان سڪل گھڙي جيئان رھيا آھن جن ۾ سالن کان پاڻي ناھي ڀريو ويو جنوري کان ويندي ڊسمبر جي آخري سج کي مون پنھجي اکين سان لھندي ڏٺو آهي وري صبع جو اھو ئي جنوري آيو جيڪو پوئين سال به آيو ھو.

پوئين سال به اسان جي ڳچي ۾ غلامي جا ڳٽ پيل ھئا جيڪي اڄ به پيل آھن ھڪ اکر تبديل ڪرڻ سان حالات نٿا بدلجن منھجا غلام دوستو توهان شايد احمق ٿي ويا آھيون  ۽ توھان حالتن سان صلح ڪري ڇڏي آهي يا توھان جا روح به قيد ڪيا ويا آهن توهان کان يادداشت کسي وئي آهي توهان کي سيکاريو ويو آهي ته دعا گھرڻ سان حالات بھتر ٿي وڃن ٿا توھان کي اھو سيکاريو ويو آهي ته جشن ملهائڻ سان سڀ بھتر ٿي ويندو توھان ته ان طوطي مثل آھيو جن کي قيد غلامي ۾ اھو سڀ ڪجھه سيکاريو وڃي ٿو ته جئين ھو قرتب ڏيکاري ماڻھن جي دل وندرائي  توھان جو مثال به ان طوطي وانگر آھي زبان ته توھان جي آهي پر لفظ ٻي جا آھن ائين اسان جي ھر شئي تي ھو قابض آھن ته جئين

 اسان بغاوت نه ڪيون ڪا مزاحمت نه ڪيون مون جڏھن کان ھوش سنڀاليو آھي منھجي پيرن ۾ پير ڪڙيون ۽ ھٿن ۾ ھٿ ڪڙيون ٻڌل ڏٺيون آهن ھر ھڪ غلام مٿان ھڪ وھشي درندو داروغو چھبڪ سان بيٺل ڏٺو آهي ۽ اگھاڙين تلوارون سان سپاھي ڦرندي ڏٺا اٿم پر اھو لقاءُ ھر ماڻھو نٿو ڏسي سگهي جيڪي ڏسن ٿا انھن لاءِ ھر سال ساڳيو رھي ٿو ھر مھينو ھر ڏينھن ساڳيو رھي ٿو ان لاءِ ڪجھه به نٿو بدلجي اھڙي وحشت دھشت ۾ به ڪو نئين سال جي آمد تي خوش ٿيندو ڇا؟

نئين سال جون خوشيون اھي حاڪم جيڪي اسان تي حڪومت ڪن ٿا ۽ انھن جا دلال جيڪي انھن رھزنن جي پيرن تي ڪري جان جي امان گھرندا آھن جيڪي پنھجي آقا جي ھر سڏ تي لبيڪ چئي انھن جي نقل ڪن ٿا ۽ انھن جي اشارن سان ھلن ٿا ھو پنھجي پاڻ کي شاتر دماغ تصور ڪن ٿا پر اھي اڪيلائي ۾ پنھجي پاڻ کي ڪوسين ٿا ته اسان ڪيڏا نه ڊڄڻا آھيون پر اھي آھسته آھسته غلامي کي تسليم ڪري چاپلوس بڻجي پوندا آهن  ۽ سندن نسل به ساڳي روايت کي برقرار رکندي مري وڃن ٿا .

انھن ڪڏھن آزادي جي سج مان سرور سڪون کي پرکيو ئي ناھي انھن جا ذھن ھڪ ئي شئي جا ھيراڪ ٿي پون ٿا جنھن کي چاپلوسي چيو ويندو آهي  آزاد روح ۽ آزاد جسم وارا فطرت جي ھر شئي سان پيار ڪن ٿا انجي حفاظت ڪن ٿا  غلام قومن کي اھڙين حرڪتن کي گناھ تسليم ڪيو وڃي ٿو انھن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ سخت سزائون ٻڌايون وڃن ٿيون .

منھجا غلام دوستن ٽي سئو پنجهٺ ڏينهن ۾ ھڪ به اھڙو ڏينھن ٻڌايو جنھن ڏينھن تي منھجي ماروئڙن تي ظلم نه ڪيو ويو ھجي ان آڌار تي مان نئين سال کي خوش آمديد چوان غلامي کي عادت نه بڻايو ڇا توھان ناھي ٻڌو ته ھاٿي جي ٻچڙي کي جڏھن قيد ڪيو ويندو آهي ته ان جي پير ۾ رسو ٻڌي ڇڏين ٿا جڏھن ھاٿي جو اھو ننڍڙو ٻچو زور لڳائي ٿو ته ان کان اھو رسو نٿو ٽٽي جڏھن ھو وڏو ٿي وڃي ٿو ته ان کي ساڳي ڪمزور رسي سان ٻڌو ويندو آهي ان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري ھو سمجھي ٿو .

مون کان ھي رسو نه ٽٽندو ڇو ته ھو غلامي جو ھيراڪ بڻجي پوي ٿو جيڪڏھن ھو ٿوري ھمت ساري ان رسي کي سٺ ڏي ته اھو رسو ٽٽي پوندو سرگس جا ھاٿي نه ٿيو  مون ته طوائفن جي ڪوٺن تي به سسڪين جا آواز ٻڌا آھن مون لاچار بيوس ماءُ کي تڙپندي به ڏٺو آهي  مون ٽالھي جي وڻ ۾ زندگيون به لٽڪندي ڏٺيون آھن اھڙي ماحول ۾ جتي اڻ مندائتا موت منھجي ماروئڙن جو مقدر ھجن اتي نئين سال تي به ماتم ڪبو آھي مان صدمن مان ٻاھر ئي ناھيان نڪتو ته پوءِ مون کي نئين سال جي اچڻ جي مبارڪ نه ڏيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.