چئُه! جو توکي چوڻو آ……

سيد جاني شاھ 

شھيد شھناز انصاري جي ناحق  قتل سان آخر ڪڏھن انصاف ٿيندو ؟

سنڌ جي تاريخي شھر نوشھروفيروز جي ڀرسان ھڪ ننڍڙي ڳوٺ چيھو  01.01.1970 ع ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي سٻاجھڙي نياڻي شھناز انصاري جنھن پنھنجي ننڍي پڻ کان ئي عورت ذات لاءِ مثالي ڪردار ھئي ، خدا جي مقرب بندن جي شخصيت جا ھڪ يا ٻه رخ نه ھوندا آھن بلڪ ھو پنھنجي حياتي ۾ انساني ۽ اسلامي لحاظ کان نمونو ھوندا آھن معمولي انسانن جون طبيعتون مختلف ھونديون آھن ڪي بي رحم ھوندا آھن ۽ ڪي تمام گھڻا نرم مزاج ھوندا آھن .

ڪي بي پردي ۽ ماحول جي رنگن ۾ رڱجي ويندا آھن يتيمن مفلسن ۽ فقيرن کي ڏسي سندن اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويندا آھن شھيد  شھناز انصاري به انھن مان ھڪ آھي سندس ننڍ پڻ ئي تمام گھڻا ڏک ڏٺا ۽ مفلسي واري زندگي گذاري ھن ھڪ ننڍي ڳوٺ جي ڇوڪري ھوندي ڪڏھن به ھمٿ نه ھاري سندس پھاڙن کان به وڏا حوصلا بلند رھيا پنھنجي منزل طرف وڌندي رھي پنھنجي تعليمي ھٿيار کي اسعتمال ڪندي منزل تي پھتي ،اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين پھرين پوزيشن کڻندڙ ھن شاگردياڻي سان جڏھن گرلس ڊگري ڪاليج نوشھرو فيروز ۾ دنيا جي بھترين اسڪالر ان وقت جي وفاقي وزير ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ملاقات ٿي ته ڊاڪٽر صاحب ھن جي علم ادب ذھنيت سبب کيس شاھ جو رسالو ۽ اجرڪ جو ايوارڊ ڏنو. ان وقت اخبارون ۽ ميگرين گھٽ ھيون ڪاليج انتظاميه ميگزين ڪڍرايو ھو.

جنھن جي پھرين پيج تي ڊاڪٽر صاحب ۽ شھيد شھناز انصاري جو فوٽو لڳل ھيو اھو فوٽو ڪاليج لاءِ وڏو اعزاز ھيو  شھيد شھناز انصاري جي محترمه بينظير ڀٽو شھيد سان محبت ھجڻ ڪري سندس نقشِ قدم تي ھلندي پ  پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ھڪ ننڍي ورڪر طور ڪم شروع ڪيو جڏھن پيپلز پارٽي تي ڏکيا ڏينھن شروع ٿيا ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ محترمه بينظير کي قيد ڪيو ھو ان وقت عورتون پنھنجن گھرن تائين محدود ھيون تي.

ھن ھڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري ٿي ڪري آمر ضياء جي حڪومت خلاف اڪيلي سر جھاد ڪرڻ شروع ڪيو ھو جنھن تان آمرن کيس گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو جنھن جي ڪري سندس جي  بھادري جرعت مندي کي ڏسندي محترمه بينظير ڀٽو کيس تعلقي نوشھرو فيروز ۾ پيپلز پارٽي ليڊيزونگ جو صدر مقرر ڪيو ھو جنھن کانپوءِ  مظلوم عورت جي ترجمان ٿي ڪري مڪمل سياست شروع ڪئي.

15 سالن تائين تعلقي صدر رھي جنھن کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو پاران ضلعي نوشھرو فيروز لاءِ ليڊيز ونگ لاءِ صدر مقرر ڪيو ،  15 فيبروري 2020ع تي ضلعي نوشھرو فيروز جي عورتن جي محبوب اڳواڻ شھيد شھناز انصاري کي ڪنھن ڳوٺ ۾ گھرائي حضرت امام حسين عليه جي مجلس جي دعوت ڏئي سندس ئي  نياڻين جي سامھون بيدردي سان ھڪ بھادر عورت کي ايئن قتل ڪيو جيئن شڪاري وڏي تياري سان شڪار ڪندا آھن عورتن جي آواز کي ھميشه لاءِ بند ڪيو ويو، شھيد شھناز انصاري جو آواز ھر ان مظلوم بيوس لاچار عورت جو آواز ھئو جنھن جو ڪو ئي به آواز نه ھيو سندس سادگي عاجزي جي ڪردار ڪري سنڌ ۾  وڏي اڳواڻ ٿي اڀاري سندس پارٽي ۾ وڏي ساک ٿي رھي ھئي شايد وڏيرن کي اھا ڳالهھ برداشت نه ٿي رھي ھئي. ٻه ڀيرا پ پ جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿي ڪري عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ پ پ پ ۾ عورتن لاءِ اڪثر دروزا بند ھئا شھيد شھناز انصاري جدوجھد ڪري وڏي تعداد ۾ عورتن کي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرائي جنھن عورتن کي سياسي شعور ڏنو  اسيمبلي ۾ ھميشه ضلعي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو صحت کاتي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي نوشھروفيرز سول اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ شھيد جا تاريخي ڪم ھئا انھي جدوجھد سبب سول اسپتال شھيد شھناز انصاري جي نالي سان منسوب ٿيل آھي شھيد شھناز انصاري پنھنجي ھر روپ ۾ پنھنجي نالي جئيان ھئي ھن جي زندگي جا انڊلٽي جي رنگ جيان ڪيترائي رنگ ھئا،

ھي عورت گھڻ پاسائين جي شخصيت جي مالڪ ھئي عورتن توڙي ھر مظلوم جي حقن خاطر ھميشه اڳيان اڳيان رھندي ھئي ھر ننڍي وڏي سان پيار محبت ۽ خلوص سان پيش ايندي ھئي پيار خلوص ڏسي سندس جا ئي مخالف سندس جي عزت احترام سان پيش ايندا ھئا ھن عورت جي شھادت تي ھر عورت ڏکايل نظر آئي ڄڻ ته ھر عورت يتيم ۽ بي سھارا ٿي وئي سندس شھادت تي سنڌ جون ھزارين عورتون گڏ شھيد شھناز انصاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ تاريخي احتجاج ڪيو ھو، شھيد شھناز انصاري پنھنجي حياتي ۾ ئي پنھنجي حڪومت کان تحفظ جي اپيلون ڪندي رھي انتظاميه انھن اپيلن تي غور ئي نه ڪيو سندس قاتل بااثر ھجڻ ڪري لاڪپ ۾ ھجڻ جي باوجود به سندس نياڻي ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري کي بار بار موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن.

ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري جيڪا پنھنجي ماءُ جي قاتلن کي ڪيفري ڪردار تائين پھچائڻ لاءِ ڊگھي جدوجھد ڪري رھي آھي ننڍي عمر ۾ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي رھي ھڪ نياڻي ٿي ڪري بھادر پٽ جھڙو ڪردار ادا ڪري رھي آھي جڏھن تي شھيد شھنار انصاري جو ڪيس به ڌھشتگردي ٽوڙ انت واري ڪورٽ ۾ ھلي رھيو آھي جنھن کي ٻه سال مڪمل  ٿيڻ وارا آھن پر ڪورٽ سڳوري ڪو به فيصلو نه ڏنو آھي ۽ جيڪي ڪيس ۾ جوابدار آهن ھر شنوائي تي ضمانت جون اپيلون ڏئي رھيا آھن شھيد شھناز انصاري جا گھر ڀاتي ڪورٽ ڏي انصاف جي اميد ۾ ويٺا آھن ڇا سندس قاتلن کي ڪورٽ ڪا سزا ڏيندي سندس جي ناحق خون سان انصاف ڪندي يان تاريخ پي تاريخ جو سلسلو ھلندو رھندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.