سوشل ميڊيا ڪارنر

راهب ٻپڙ جي اڻمندائتي

وڇوڙي ڏکائي ڇڏيو

انتهائي افسوس  جوڳي خبر جيڪا مونکي هاڻي استاد منظور سولنگي ٻڌائي ته راهب ٻپڙ گذاري ويو مون ايئن سمجهو ته راهب ساڻس گڏ ويٺو آهي انڪري ڀوڳ پيو ڪرائي.مٿان پرويز چانڊئي ۽ پوءِ فياض نائچ فون ڪئي ۽ ڄڻ ته اسان هڪٻئي سان راهب جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيت پئي ڪئي..راهب هڙني سان هجائتو هو پر اسان وري هڪٻئي جي گهر وڃڻ تائين ويجها هياسين.هو صنم کي ڪڏهن ادي ته ڪڏهن امان چوندو هو…راهب ۽ مون ڪافي عرصو سنڌ ٽي وي تي گڏجي ڪم ڪيو..2010 واري ٻوڏ ۾ به دڙي سندراڻي کان دادو تائين ڪاڙھي باوجود ٻڏيلن علائقن ۽ ماڻھن جي ڪوريج ڪئي .ان دوران راهب جا ٻه شاندار ڪم جيڪي ڪنهن به نه ڪيا اهي هئا ٽوڙي بند جي ٽٽڻ وقت سندس اتي موجودگي ۽ ان منظر کي فلمبند ڪرڻ ۽ ٻيو دادو مورو پل وٽ ملاحن جي ٻار جو درياھ ۾ ڪرڻ وارو شاٽ رڪارڊ ڪرڻ..راهب صحافت جي دنيا ۾ اسان وانگر پنهنجي محنت،همٿ ۽ ڪردار سان رڳو نالو ئي ڪمايو هو…سندس اڻ مندائتي موت تي اسين ڏاڍا ڏکارا آھيون

تصوير سنديلي جي پوسٽ

سنڌي مشاعرن ۾ به چونڊ ويهن شاعرن کي پڙهائڻ واري روايت پوڻ گهرجي

سنڌي مشاعرن ۾ جيستائين چونڊ ويهن (20) شاعرن کي پڙھائڻ جي روايت نه پوندي تيستائين انهن جو معيار بلند نه ٿيندو. اردو مشاعره ان ڪري ئي ڪامياب ويندا آھن. جيڪي به شاعر هجن انهن جا نالا اڳواٽ لکيل هجن، ٻيا سڀ ٻڌنڌڙ هجن. هر شاعر وٽ پنج منٽ ھجن اسم پيش ڪرڻ لاءِ

امر پيرزادي جي پوسٽ

 

حددخلين جي آڙ ۾ مقامي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ بند ڪريو

روينيو کاتي ٺٽي جي پاليسي سمجھه کان ٻاهر آھي . آچر ڏينهن موڪل ڏينهن تي اي ڊي سي ون ٺٽو , مختيارڪار ٺٽو , اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جهمپير نوري آباد روڊ تي عجيب قسم جي آپريشن ڪئي آھي . ڏيڊ سوءُ ايڪڙن تي لڳل لبرٽي ٽيڪسٽائيل جي ديوار کي هٿ به نه لاٿو , گوگهڙو پير کان روڊ جي ٻنهي طرفن غير مقامين جي ديوارن کي هٿ به لاٿو . وچ ۾ پالارين ۽ جاکرا برادري جي دڪانن ۽ پلاٽن کي هيوي مشينن سان ڊاهي پٽ ڪري هليا ويا . بار بار رابطا ڪرڻ باوجود ڊي سي ٺٽه ۽ اي ڊي سي ون ٺٽه فون اٽينڊ نه ڪيا . ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن پهرين به ٺٽي جي روينيو عملي جاکرا برادري جي غريبن جا دڪان ۽ ھوٽل ڊاهي ويا هئا . غريبن جو سيمنٽ ۽ سريو به انڪروچمينٽ جي موبائيل ۾ وجهي کڻي ويا هئا . اڄ به ڪم تي موجود ليبر کان چار موبائيل فون ۽ نقدي کيسن مان ڪڍي ويا . هي ڪهڙي قسم جي آپريشن آھي جيڪا چند قدمن تي لبرٽي مل کي ڇڏي غريبن مقامين جا روزگار جا ذريعا تباه ڪري پئي . ڪوهستان راڄوڻي اتحاد روينيو ۽ سرمائيدارن جي ڳٺ جوڙ ھلڻ نه ڏيندو . آپريشن ڪرڻو آھي ته بنا فرق جي ڪيو وڃي . مقامي ماڻھن کي ٽارگيٽ ڪرڻ بند ڪيو وڃي .

  • ڊاڪٽر لکمير پالاري جي وال تان کنيل.

 

 

 

نوجوانن کي اهڙن ڪتابن جي ضرورت آهي

 

سال 2021 جو آخري ڪتاب پڙھي پورو ڪيم. محترمه عاصمه فيض لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ سائنس جي پروفيسر آھي .سنڌي قوميت تي هن فرانس جي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري ورتي آھي. سنڌي قوميت ۽ سنڌ جي سياست تي هيءَ هڪ اهم دستاويز آھي. ليکڪا جي تحقيق قابل ستائش آھي. ليکڪا جي ڪجھه ڳالهين سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو. ھن ڏاڍي هوشياري ۽ غير محسوس طريقي سان ڪراچي صوبي ۽ مهاجر قوميت جي ڳالھه ڪئي آھي. ڪتاب جي اهم خوبي مددگار ڪتابن ۽ دستاويزن جو ذڪر آھي، جيڪا مستقبل جي محققن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ڪتاب ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي 2020ع تائين سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتل آھي. مجموعي طرح تي هيءَ هڪ سٺو ڪتاب آھي. ڪتاب جي آخر ۾ هن لکيو آھي ته هن سنڌي قوميت جي سياسي،نظرياتي، سماجياتي ۽ جماعتي سياست جو جائزو ورتو آھي، انهيء موضوع تي اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آھي. ليکڪا جيڪڏهن ڪوشش ڪري سنڌي سکي ها ته ڪتاب ۾ رهيل کوٽ پوري ٿي وڃي ها.

 

اوڀايو خشڪ

 جي پوسٽ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.