وبا جي نئين قسم جو پکڙجڻ ۽ عام ماڻهوءَ جي حفاظت

سُڌ سماءُ جي ذريعن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جي وبا جي پکڙڻ جون خبرون اچي رهيون آهن،وفاقي وزير  اسد عمر  سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ اهي ڪيس وڌي رهيا آهن،وفاقي وزير عوام کي صلاح ڏني آهي ته پنهنجي بچاءُ جي لاءِ ماسڪ پاتو وڃي. ٻئي پاسي ميڊيا موجب لاهور ۾ 50 ڪيسن مان 49 جو تعلق لاهور سان آهي جڏهن ته لاهور ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي،

صحت واري سيڪريٽري موجب اومي ڪرون جي تصديق انتهائي ڏکي آهي، پي سي آر ٽيسٽ ۾ به تصديق نه ٿي ٿئي، سيڪوينسنگ ذريعي اومي ڪرون جي تصديق ٿي رهي آهي، هن چيو ته 50 ڪيسن مان صرف هڪ جو تعلق بهاولپور سان آهي. جڏهن ته  ڪراچي جي گلشن اقبال جي علائقي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي ويو آهي جتي 11 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،

هن کان اڳ جو تجربو عوام کي ٿي چڪو آهي، جنهن مان سمورن کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. ان جي آڌار  تي امڪاني طور تي پکڙجندڙ هن نئين وبا جي قسم کان پڻ بچڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي، اهو آهي اڳوڻي وبا دوران جاري ڪيل حفاظتي اپاءُ تي عمل ڪرڻ، ان کانسواءِ ڪو به ٻيو طريقو نه آهي، تنهڪري عوام کي ان پاسي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ، ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مارچ 2019 ۾ ملڪ ۾ پکڙجي ويل ڪورونا جي وباجڏهن سموري ملڪ جي ماڻهن توڙي حڪومت جي مت منجهائي ڇڏي هئي تڏهن ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ان دوارن سنڌ م جڏهن سرڪار لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو هو ته ان کي ڪي ڌريون رڳو سياست جي چال قرار ڏئي رهيون هيون، پر ان جي حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود هئي.

هن وقت دنيا کي ڪورونا جي هڪ نئين قسم اومي ڪرون جو خطرو درپيش آهي.جنهن جي سڃاڻپ آفريڪا ۾ ٿي هئي،گڏيل قومن جي عالمي اداري پڻ سموري دنيا کي ان وائرس کان پاڻ بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪافي ملڪن پنهنجا درواز بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪنهن ٻئي ملڪ کان ايندڙ مسافرن کي پنهنجن ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ کي ئي حل سمجهي رهيا آهن. آهستي آهستي اومي ڪرون جي ڦهلاءُ سموري دنيا جي ماڻهن کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

گڏيل قومن جي ماهرن ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته  اسان هن ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي  به وياسين ان جي باوجود اسان جيڪوهتي ماحول سان ڪيو آهي ان سان هر ٽئين سال هتي  ڪو نه ڪو  وائرس پيدا ٿيندو رهندو، هاڻي اسان کي ان ڳالهه جو عادي ٿيڻو پوندو ته اسان هن وائرس سان جهيڙيندي ئي زندگيءَ گذاريون.

دنيا ۾ پکڙيندڙ هي نئين ڪورونا جي شڪل ڪيتري خطرناڪ آهي، ان جو في الحال رڳو اندازو ڪيو پيو وڃي، پر جيئن ته هن وائرس ويجهي ماضيءَ ۾ دنيا جي ماڻهن کي گهڻو پريشان ڪيو آهي.تنهنڪري ان جي خبرن ئي سڀني کي  وڌيڪ مونجهاري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

انسان پنهنجي اڳوڻين غلطين مان سکندو آهي، سرڪار کي پڻ پنهنجين اڳ ڪيل فيصلن بعد جنم وٺندڙ صورتحال جو جائزو وٺي هن ڀيري ان کي وڌيڪ بهتر طور تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.جنهن سان عوام جي ڏکن سورن کي به ذهن ۾ رکيو وڃي، جيئن عوام ۽ سرڪار وچ ۾ ڪا امڪاني وڇوٽي باقي نه رهجي وڃي.اهڙن فيصلن ۾ باقي اسٽيڪ هولڊرن کي پڻ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان جا بهتر نتيجا پڻ سامهون اچي سگهن.

هن کان اڳ وائرس جي امڪاني پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا هئا اهي  يقينن بروقت ۽ عوامي ضرورت موجب هئا پر هاڻي اسين هڪ نئين گڏ وچڙ صورتحال ۾ اچي پهتا آهيون جيتوڻيڪ ڪورونا جو وائرس هڪ حقيقت آهي پر ڪي ڌريون ان کي مڃڻ جي لاءِ اڄ به تيار نه آهن جن جي ذهن تي عقيدن جيان ڪي خيال اهڙا پڪا ٿي ويا آهن جو اهي سمجهن ٿيون ته ان وائرس جي ڳالهه  دراصل ٻاهرين دنيا جا ماڻهون رڳو پنهنجن مفادن کي پورو ڪرڻ  لاءِ پکيڙين ٿا.

عوام وٽ درست انداز ۾ ڳالهه پيش ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي پر جيڪڏهن حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ وڇوٽي پيدا ٿي ويندي آهي يا ڪنهن به معاملي بابت ان جي اصل صورت عوام تائين نه پهچندي آهي ته ان جي جاءِ افواهه ڀريندا آهن، اهي افواهه ئي هوندا آهن جيڪي عوام کي گمراهه ڪندا آهن،

سرڪار مان اميد ڪجي ٿي ته موجوده صورتحال جي نزاڪت ۽ خطري جي نوعيت کان عوام کي مڪمل آگاهه ڪيو ويندو. جيئن گهٽ کان گهٽ مونجهارو باقي رهي،ڪنهن امڪاني گمراهي کان بچي سگهجي.

هن وقت دنيا ۾ خوف جو سبب بڻجندڙ اومي ڪرون جي لاءِ پڻ بچاءُ جا طريقا اهي ساڳيا ئي آهن، جنهن ۾ هڪ ٻئي وچ ۾ وٿي رکڻ، هٿ صابڻ سان چڱي ريت ڌوئڻ، ڪنهن ميڙ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ، جتي صابڻ ۽ پاڻي نه هجي اتي سينيٽائيزر  لڳائڻ ۽ ممڪن حد تائين گهر توڙي اوڙِي پاڙي ۾ صفائي کي يقيني بڻائڻ شامل آهي.

دنيا ۾ زندگيءَ بهرحال هلندڙ آهي،هن جديد دور ۾ پڻ انسان اڃان تائين اهڙين بيمارين يا وائرس تي ضابطي آڻڻ ۾ مڪمل ڪامياب نه ٿيو آهي انڪري ان کان پا بچائڻ جو سڀني کان اهم پاسو احتياط ئي آهي. اها اٽل حقيقت آهي.

هاڻوڪي وبا جي نئين قسم کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي گڏجي اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي،جنهن سان هن انسانيت جي دشمن وبا کي منهن ڏئي سگهجي،اسان پنهنجا باقي سمورا تڪرار ته بعد ۾ به نبيري سگهون ٿا پر هي وبا سمورن ماڻهن جي اهڙي خاموش دشمن آهي، جيڪا ڪنهن به ڌر سان ڪا رعايت نه ڪندي، انڪري اچو ته گڏجي ڪري پهرين هن وبا کي منهن ڏيڻ جي ڪريون، ان سان ئي اسان  انسان تي آيل  هن آفت کي منهن ڏئي سگهنداسين.

 

 

.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.