سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ بحران کي ڪير روڪيندو ؟

تحرير؛عبدالمجيد بروھي 

اڄ جيڪڏنھن ھن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشان حال ڪو آھي تـ اھو آھي ھاري ۽ آبادگار، ھا اھو بـ سچ آھي تـ ھن نيازي سرڪار پريشان حال پوري پاڪستان جي عوام کي ڪري ڇڏيو آھي ھر ماڻھون جن ۾ پي ٽي آءِ جا ووٽر ۽ سپورٽر پڻ شامل آھن اھي پڻ ھن نااھل مان نجات چاھين ٿا بحرحال ھن وقت پاڪستان ۾ ھارين سان ظلم جاري آھي ھڪ پاسي وفاقي حڪومت ھارين کي سندس فصل جو صحيح ريٽ ڏيڻ کان انڪاري آھي تـ مٿان وري پوري ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت سبزي ڪمند ۽ ٻين فصلن جي پوکائي ڪندڙ ھارين لاءِ پوري ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ کي ناياب بڻايو ويو آھي ۔

ھڪ پاسي وفاقي حڪومت اھو اقرار ڪري چڪي آھي تـ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ٿي رھي آھي جنھن کي روڪڻ ۾ ھو ناڪام بڻيل آھن ھي حڪومتي اعتراف سندن ناڪامي ۽ نااھلي جو ثبوت آھي حڪمران ڊڄن ان ڏينھن کان جڏھن پوري ملڪ جا ھاري آبادگار ھندستان جي ڪسان مارچ وانگر جيڪڏھن روڊن تي نڪتا تـ پوءِ ھنن حڪمرانن کي ڪٿي بـ لڪڻ جي جاءِ نـ ملندي حڪمران ڪرسي جي نشي ۾ آھن ھن وقت سندن خلاف سڄي ملڪ ۾ ھاري احتجاج ڪن پيا پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ بـ نٿي چري ھڪ پاسي پاسڪو پاران سارين جي فصل جو اگہهھ مقرر نـ پئي ڪري جنھن سبب منافعي خور واپاري سندن کان پنھنجي من پسند اگھن تي ساريون خريد ڪن پيا جيڪو اگهھ ڏين پيا ان حساب سان غريب ھارين جو پنھنجي فصل تي ڪيل خرچ بـ نڪرڻ محال آھي۔ مجبور ھاري آبادگار گھٽ اگهھ تي جڏھن ساريون وڪرو ڪري پنھنجي زمينن ۾ جڏھن ڪڻڪ جي پوکائي ڪرڻ لڳا آھن تـ ان ئي وقت اھي ساڳيا سارين جا واپاري يوريا ڀاڻ سرڪاري اگهھ تي کڻي اچي

يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ سان ٽرالر پنھنجي گودامن ۾ لڪائي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري ٽي ھزار روپيا في ٻوري وڪرو ڪري مال ميڙي ھارين کي لٽي ۽ ڦري رھيا آھن ڊي اي پي ڀاڻ جي  في ٻوري 9 ھزار ۾ وڪرو ڪري رھيا آھن جن کان ڪير بـ پڇڻ وارو نـ سنڌ حڪومت کي پڻ ھن اھم اشو تي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جو ڪم ڀلي وفاقي حڪومت جو ھجي  جن پنھنجي نااھلي جو اعتراف ڪري چڪا آھن ھو حڪمراني ڪرڻ جا اھل پڻ نـ آھن پر سنڌ حڪومت تـ ھارين ۽ مزدورن جي ترجمان پارٽي جي حڪومت آھي انھن کي انھن ڊيلرن منافعي خورن بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف فورن تحرڪ وٺي سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪري سندن جي گودامن ۾ لڪيل يوريا ڀاڻ کي سرڪار پنھنجي قبضي ۾ ڪري سرڪاري اگھه تي اھو ڀاڻ ھارين کي وڪرو ڪري ھارين ۽ آبادگارن جو ڀلو ڪري جيڪو سنڌ حڪومت جو اولين فرض پڻ آھي سنڌ سرڪار انھن آفيسرن خلاف پڻ ڪارروائي ڪري جيڪي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ ڊيلرن سان ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آھن  سنڌ حڪومت جي خاموشي سان سنڌ جا ھاري ۽ آبادگار منافعي خورن ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن جي ھٿان لٽجي رھيا آھن جنھن پ پ پ کي پڻ نقصان پئجي سگھي ٿو ھي ھاري آبادگار جيڪي نيازي حڪومت جي خلاف آھي انھن ھارين آبادگارن جي مٿي تي ھي وقت آھي تـ پ پ پ قيادت سندن مٿان شفقت جو ھٿ رکي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري کين جيل حوالي ڪيو وڃي 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.