ڇا نواز شريف ڪڏھن به وزيراعظم نه بڻجي سگھندو.؟

تحرير؛ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي

       ملڪ ۾ ھلندڙ خبر جي ٻائيتال ھڪ نئون ڌمچر مچائي رکيو آھي، ملڪ ۾ مڙني سياسي تنظيمن جي تقريبن سمورن اھم اڳواڻن جا بيان ۽ ملڪ جي ناليوارن صحافين جا يو ٽيوب تي  وي لاگ  جي ڌم متل آھي.

جنھن ۾ ھڪڙا چينلن تي بندش پيل آھن ته ٻيا وري چينلن تي بنا روڪ ٽوڪ جي اچن ٿا ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن جا اڇا چٺا پڌرا ڪرڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن ۽ جيڪي سرڪار مخالف صحافي آھن. (انھن کي سرڪار مخالف نه چئجي ته بھتر. ڇو جو ڪائنات جي بگ بئنگ ذريعي ڦھلجڻ واري وقت کان ۽ انساني ارتقا جي شروع ٿيڻ کان وٺي دنيا ۾ ڪابه شئي غير جانبدار ناھي ھوندي بس انساني سماج جڙڻ کان پوءِ ڪو به انسان غير جانبدار ناھي ھوندو.

انسان يا ته ڦورو طبقن پاسي ھوندو آھي يا انسانن جي ڦريل لٽيل قافلن جو نمائندو ھوندو آھي ) يا انھن جا موجودا رياستي سسٽم جا مخالف ھجن. پر حقيقي صحافي يا ڪوبه سياسي اڳواڻ طبقاتي سماج جي پيڙھيل انسانن جا نمائندا ھوندا آھن. پر جيئن ته ھتي ڪابه اھڙي انقلابي پروگرام واري پارٽي ناھي جو چئجي ته اھا ھن طبقاتي نظام کي تھس نھس ڪرڻ جي موجوده وقت ۾ ڪا سگھه رکندي ھجي. پي ڊي ايم نه ان کان ٻاھر ويٺل ڌريون، جنھنڪري چئي سگھجي ٿو موجودا سسٽم ۾ گھٽ وڌ شرطن تي ڪو نه ڪو ليڊر يا پارٽي انھي اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ لاءِ تيار ھوندو آھي، موجوده صورتحال به ڪجهھ ان قسم جي آھي.

ھاڻي اچجي ٿو اصل موضوع تي. ته موجوده پاڪستان جي ابتر سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال به ان ساڳيءَ علاقائي ۽ عالمي معاشي ۽ سياسي راند جو نتيجو آهي. جنھنڪري ھن وقت رياستي ڪاروھنوار ھلائيندڙ اصل طاقت يا ڌُرِ توڻي سياسي  پارٽيون ھڪ بند گھٽيءَ ۾ ڦاٿل آھن. جتان نڪرڻ لاءِ ھر ڌُرِ  ان گھٽيءَ ۾ پيل گَپَ مان وقتي طور گذرڻ لاءِ ھرھڪ تيار آھي پر رياست جي ڪجهھ ڪردارن کي ھڪٻئي جا منھن نه وڻڻ جي ڪري معاملو لٽڪيل آھي. جن جا ا آثار انھن V Log’s جي تبصرن ما صاف ظاهر آھن ۽ اُھي تبصرا ٻڌائين ٿا ته نواز شريف پاڪستان ڀلي اچي سندس پارٽيءَ کي وزارت اعظميٰ ڏيڻ لاءِ به تيار آھن پر ان ڪرسيءَ تي شريف فيمليءَ جي ڪنھن ميمبر کي نه ويھاربو باقي پنجاب جي وڏ وزارت فيمليءَ جي ميمبر کي ڏيڻ لاءِ تيار آھن.

ھاڻي ھڪڙي صورتحال اتي به اچي مونجھاري جو شڪار آهي. جيڪڏھن وڏ وزارت جي سيٽ به شھباز شريف جي پٽ حمزه شهباز جي حوالي ٿي وئي ته باقي نواز شريف۽ سندس ڌيءَ مريم نواز لاءِ سياست ۾ ڇا رھيو؟

ٿي سگھي ٿو ته نواز ليگ سان معاملا طئي ڪرڻ ۾ دير جو سبب اھي ڳالھيون به ھجن جو بقول مبصرن جي مڪمل ڪليئرنس کان پوءِ ئي نواز شريف لنڊن مان پاڪستان لاءِ فلائيٽ پڪڙي اسلام آباد اچي لھي. ھاڻي ته نواز ليگ جي اھم اڳواڻ شاھد خاقان عباسيءَ به چيو آھي ته نواز شريف ھن سال به پاڪستان نه ايندو. ان مان لڳي ٿو ته ھاڻي نواز شريف جو نالو وزيراعظم واري بورڊ تي ٻيهر نه لکبو

وري به ڏسجي ته سياست جو اُٺُ ڪھڙي پاسي ٿو ليٽي جو ھي اسانجو پيارو پاڪستان آ. جتي ھر شئي ممڪن آھي ۽ سياست آھي به ممڪنات جو فنڇا نواز شريف ڪڏھن به وزيراعظم نه بڻجي سگھندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.