ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ مافيا ۽ اشراف انتظاميا

تحرير؛ايڊووڪيٽ امر امتياز

پھريون ڀيرو جڏھن ڊسٽرڪٽ ۽سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري سان ملاقات دوران ڀاڻ جي کوٽ ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ سيٺين پاران سرڪاري اگھن تي ڀاڻ نه ڏيڻ ۽ وڏن وڏن گودامن ۾ ڀاڻ جي ذخيرو ڪرڻ بابت گذارشون رکيون ته پاڻ دير ئي نه ڪئي ۽ ڀاڻ ذخيرو ڪرڻ وارن خلاف نوٽيس جاري ڪري پرائيز ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي سموري ضلعي اندر   اي سي ۽ مختيارڪار کي اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪري ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ عملي ڪم شروع ڪري ڏنو، منھنجي ھڪ سروي موجب ھي پھريون سيشن جج ھيو جنھن ڀاڻ جي ذخيرو ڪندڙ مافيا خلاف نوٽيس ورتو ۽ عمل پڻ ڪرايو.

پر سموري ضلعي جي جڏھن سروي ڪئي وئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ مافيا عام زميندار کي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ھڪ ٿي بيھي رھي ۽ کين ھڪ ته ڀاڻ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي، ٻيو ته سرڪاري اگھن کان وڌيڪ اگھه تي ڀاڻ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو.. ڀاڻ مافيا جو ھي پھريون ڀيرو ايڏو وڏو رد عمل ڏسي مونکي تعجب لڳو ته ۽ سوچ پڻ آئي ته ھي اھا مافيا ھئي جيڪا رات جي پيٽ ۾ ڪروڙ پتي ٿي وئي ۽ غريبن جو رت چوسڻ سبب ھي ڀاڻ مافيا پڻ ھڪ ٿي وئي،

۽ مسئلو وڌي پوري سنڌ جو اھم مسئلو ٿي ويو! ھاڻ منھنجي ضلعي ۾ ضلعي جي سيشن جج محبوب علي جواھري جي نوٽيس بعد ھڪ ٻي ڳالھه تان به پردو کنيو ته سموري انتظاميا پڻ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ مافيا سان ملي ڀڳت ڪري ڊيلرن کان في ٻوري تي 200 کان 400 روپيا اوڳاڙي رھي ھئي جنھن جو سمورو وزن غريب عوام عام ھارين ۽ ننڍن زميندارن تي پئجي رھيو ھيو، جڏھن اسپيشل مئجسٽريٽ پرائز ڪنٽرول A. C ۽ مختيارڪار وڏن وڏن ڀانڊن تي ڇاپو لڳائڻ ويا ۽ اتي جي صحافين عام عوام کين ذخيري وارن ھنڌن تي ھلڻ لاءِ چيو ته صاحب موصوف اتي وڃڻ کان انڪاري ٿي نٽائي ويا. ته انھن ڀانڊن تي ٻئي ڀيري ھلنداسين، ۽ اھڙي ريت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري صاحب جي ڪورٽ ۽ غلط انگ اکرن واريون رپورٽون جمع ٿيڻ لڳيون، اسان به ثابتيون گڏ ڪري وڪيل دوستن کي جنھن ۾ مشتاق احمد لنڊ، مختيار حسين تنيو، ضمير حسين مڱريو معرفت درخواستون لڳايون ته جيئن عام عوام مٿان ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ مافيا جا چھرا بي نقاب ڪري سگھجن، ۽ ان بعد کوڙ اھڙن چھرن بابت نقاب لاٿا ڪيسن ۾ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جا نالا ڏنا ويا، پر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز پاران مقرر ڪيل پرائيز ڪنٽرول مئجسٽريٽ جي ھٺ ڌرمي سبب سندن مٿان 500 يا 1000 روپيا ڏنڊ لڳائي ھڪ اڌ گودام کي سيل ڪري ڪورٽ سڳوري ۾ رپوٽ جمع ڪرائي وئي، پاڻ مطئمن ٿي حرام خوري ۾ لڳي ويا!

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھرو فيروز محبوب علي جواھري جي ھڪ نوٽيس تي سول جج 3 ڪنڊيارو، محرابپور ۾ واقع ڀاڻ جي ھڪ وڏي کيپ ھٿ ڪئي جنھن ۾ 6000 کان وڌيڪ کاڌ جون ٻوريون ھٿ ڪيون ويون ۽ عام زميندارن ھارين کي ڀاڻ سرڪاري اگھه تي ڏيڻ لاءِ ساڳيو اي سي ۽ SHO مقرر ڪيا ويا جيڪي پھريان ئي چورن سان مليل ھيا ۽ منٿليون اوڳاڙيندڙ ھيا! ھاڻ اي سي اھو ڪيو ته ساڳيو ھٿ ڪيل ڀاڻ ساڳين ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ مافيا جي ماڻھن کي وڪرو ڪرڻ لڳا! ۽ ڇاپي ۾ ھٿ ڪيل ساڳيو ڀاڻ ساڳي مافيا وٽ پھتو، ڪروڙن جو ھٿ ڪيل پاڻ تي ساڳي مافيا کي چند ھزار روپين جو نقصان ٿيو! ۽ ساڳي نقصان جي پورائي لاءِ ھنن ٻيھر ڀاڻ جي في ٻوري 200 روپيا وڌيڪ مھانگي ڪري ڇڏي!

ھن وقت تائين ڪورٽ سڳوريءَ کي ڪي به اھڙا انگ اکر ناھن ڏنا ويا جنھن مان معلوم ٿي سگھي ته ڀاڻ فيڪٽرين پاران ڪيترا ماڻھو ڀاڻ فروخت ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ رکن ٿا! ۽ ڪيتري تعداد ۾ ڀاڻ ڪيتري ريٽ ۾ گودامن تي سرڪاري ريٽ تي پھچي ٿو، ھتي جڏھن مون پنھنجي سروي ڪئي ته اتي ھر ٽيون دڪاندار ڀاڻ فروخت ڪرڻ جي ڊروڙ ۾ شامل ٿي چڪو آھي! رات ۾ امير ٿيڻ جا خواب ڏسي اھو وساري ويٺو آھي ته حرام ڪمائي سندس اولاد جي پيٽ ۾ پئجي رھي آھي.

سموري سيزن ختم ٿيڻ تي آھي ۽ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٺ پوري سنڌ جو مسئلو ٿي چڪو آھي ان وچ ۾ سنڌ جي ڪنھن ايم اين اي، ايم پي اي. وزير يا مشير جو ڪو به عملي قدم نظر ڪونه آيو آھي، وري سياسي بيان ئي سھي پر ملڪ جي وزير اعظم کي 30 ڊسمبر 2021 خميس واري ڏينھن ڏنو جيڪو ڪيترين ئي اخبارن ۽ چينلن جي زينت پڻ بڻيو محترم فرمايو ته منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن آھن ۽ اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، صاحب موصوف جو ھي جملو جيڪو پوري بيان ۾ مونکي وڻيو اھو ھيو ته مافيائن سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، مان اھو جملو ٻڌي ھڪ لمحي لاءِ سوچيو ته اھو جملو ڪنھن لاءِ استعمال ٿيو آھي، اگر جي اھو جملو سرڪار ڪارندن لاءِ ٿيو آھي ته معذرت سان مان مٿي سرڪاري ڪارندن جون ڪارگذاريون ڄاڻائي آيو آھيان ھا اگر ڪي ملائق ان ڪم جو ذمو کڻي ملڪ ۾ ضروري شين جي کوٽ ۽ ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪا ڪاروائي ڪن ٿا ته پو چئي سگھجي ٿو ته ھن ملڪ جو ڪو ڀلو ٿي سگھي ٿو.خميس واري ڏھاڙي تي ڀاڻ جي ذخيري جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ صاحب موصوف کي بريفنگ ڏني وئي بريفنگ ڏيڻ وارا به سرڪاري عملدار جن اعليٰ حضرت کي ٻڌايو ته ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آهي جيڪو ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ موزون آهي، سنڌ مان مليل انگن اکرن موجب ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪمپنيون هتي ڪجهه ڊيلرن کي اضافي اسٽاڪ ڏئي رهيون آھن جڏھن حڪومت ڀاڻ ٺاھيندڙ انڊسٽري کي گئس تي 120 ارب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، ۽ کين 100 ارب روپين جون ٽيڪس مراعتون ڏنيون پيون وڃن، ان باوجود به ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي فرٽيلائيزر فراهم ڪئي پئي وڃي، ملڪ جي وزير اعظم کي سيزن گذرڻ کانپوءِ جنھن به سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف ۽ ذخيرو ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو تنھن ڄڻ جيري جنت ڪمائي اھو اطلاع به کيس ڏنو ويو ته سنڌ اندر ڀاڻ وافر مقدار ۾  ذخيرو اندوزي ٿي رهيو آهي، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. تنھن تي ٻيو ڪجھه نه سھي پر اخبار وسيلي جيڪي مون پڙھيو ته ان ڳالھه کانپوءِ وزيراعظم  سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي،

اھا به ڳالھه اجلاس ۾ واضع ڪئي وئي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، ڇو ته سنڌ حڪومت پاران ڪارروائي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، ڪنھن حد تائين ان ڳالھه تي عمل ٿيڻ ممڪن ته ڪونه آھي پر ڪجھه ڏينھن لاءِ عام زميندار ۽ کيڙڻ ۽ کائڻ وارو ھاري ان بيان جي آسري تي پنھنجو پاڻ کي آٿت ۾ رکندو ته آخر ملڪ جي وزير اعظم بيان جاري ڪيو آھي ته ڀاڻ ذخيرو ڪرڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ ڀاڻ جا ڀانڊا کلندا ته سرڪاري اگھن تي ڀاڻ خريد ڪري وري ٻنين ۾ ساوڪ پيدا ڪندا. پر کين شايد اھا خبر ئي ڪونه آھي ته ملڪي واڳون سنڀالي پاڻ لاءِ جيئندڙ حڪمران پاڻ ئي وڏيون مافيائون آھن، جن سنڌ جي سمورن وسيلن کي پنھنجي لت ھيٺان لتاڙي رکيو آھي، ھو غريب ته ختم ڪري سگھن ٿا پر غربت نه

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.