سنڌ ۾ موجود گيس ۽ گيس ڪمپنيون!!!

تحرير؛صوفي طارق علي کوسو

سنڌ جا ماڻھو محبتي ۽ محنتي آھن اهي پاڻ امن پرست ۽ انصاف پسند ماڻھو آھن سدائين امن ۽ احساس دل سان واسطو رکندڙ آھن، جيڪي سدائين ٻين کان به انصاف جي گُھر ڪندا آھن ته اسان سان انصاف ٿئي. اسان به خوش دلي سان وقت جون ڏکيون گھڙيون سک ۽ سڪون سان گذريون. ھڪ پاسي سنڌ  معدني وسيلن سان مالا مال آھي جنھن ۾ اڻ کٽندڙ معدني وسيلا جن ۾ گيس، تيل، ڪوئلو انھي کانسواءِ معدني شيون سنڌ جي سيني اندر سانڍيل آھن.

انھن معدني شين  جي ھوندي به سنڌ جي عوام کي بيروزگاري،  بدحالي ۽ تباھي طرف ڌڪي رھيا آھن ھڪ صرف سنڌ، جيڪا سون، چاندي ۽ ھيرن کان به وڌيڪ سونھڻي ۽ قيمتي آھي.جتي سنڌ، سڄي ملڪ جي بھترين بجيٽ ٺاھڻ ۾ مدد ڪري ٿي ۽ وڌيڪ سنڌ جا ماڻھو پوئتي ٿيندا ٿا وڃن سنڌ جيڪا ملڪ کي ستر سيڪڙو گيس،  تيل ۽ ڪوئلو فراھم ڪري ٿو پر سنڌ جا ننڍا وڏا شھر توڙي ڳوٺ گيس کان محروم آھن جيڪڏھن معدني وسيلن تي ملڪ جي آئيني ۽ قانوني طرح جائزو وٺون پاڪستان جو آئين به انھيءَ شئي جي شاهدي ٿو ڏئي ته انھي معدني وسيلن تي انھن علائقي جي رھواسين جو وڏو حق آھي  اھي اتي استعمال ڪري سگھن ٿا پر نڪرندڙ انھيءَ  معدني  وسيلن سان گڏ انھن علائقن کي بھتري طرف وٺي ھلجي.جنھن جي استعمال سان انھن علائقن ۾ بھتري سان گڏوگڏ خوشحالي به ايندي.

جڏھن ته معدني وسيلن لاءِ خاص ڪري گيس جي معاملي تي پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عدالت، عدالتن جي ماءُ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به ٿيل آھي جنھن علائقي مان  گيس، تيل ۽ ڪوئلو نڪري ته  ڪمائي جو 25 سيڪڙو رائلٽي طور اتي انھيءَ علائقي تي خرچ ڪيو وڃي.گيس به 5 ڪلوميٽرن تائين علائقي کي مھيا ڪيو وڃي، جيئن اھي تڪليفي دنيا مان نڪري سگھن. ھڪڙي پاسي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي گيس ڪمپنيون پٺي ڏئي رھيون آھن جنھن ۾ گيس فيلڊ جي انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توھين ڪري رھيا آھن گيس انتظاميا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار نه آھي گيس ڪمپنيون پنھنجي ھٺ ڌرمي تي قائم آھن پر ايتري قدر جو وفاقي  حڪومت، پٽروليم کاتو ۽ صوبي سنڌ جو مائينز اينڊ منرلس کاتو سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي  عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آھي  حڪومتي ڌر کي عوامي ڀلائي لاءِ ايندڙ فيصلي تي ترت عمل ڪرائڻ گھرجي  پر خبر نه آھي ته  اڃا تائين فيصلي تي عمل ڇو نه ٿيو آھي.

سنڌ ته سوني جھرڪي آھي پر سنڌ جا رھواسي ڏک،  تڪليف ۽ پيڙاءَ م۾ زندگي بسر ڪري رھيا آھن  پر سنڌ جي ھر علائقي ۾ معدنياتي وسيلا  موجود آھن پر ڄامشورو ضلعو به معدني وسيلن جي سبب  فھرست ۾ مٿي آھي  جتي ڪوئلي جون کاڻيون وڏي تعداد ۾ موجود آھن جتي ھاڻي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ گيس ملڻ به شروع ٿي ويو آھي  ھن وقت قديمي ڳوٺ انڙپور تعلقا مانجھند مان وڏي مقدار ۾ گيس  مليو آھي. انڙپور ۽ انھي جي آس پاس م گيس جا 14 گوھ ھجڻ جو  ڄاڻ مليو آھي جن مان 3 کوھن تي ڪم ھلي مڪمل ٿيو آھي  باقي 11 کوھن تي ڪم ھلڻو آھي جن مان 3 کوھن جو (يو اِي پي) گيس ڪمپني  بھترين طريقي ڪم شروع ڪيو آھي پر علائقي کي ڪوبه فائدو نه آھي مليو.

ڄامشوري ۾ به، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ به سنڌ جي  سياسي، سماجي ۽ ساڃاھ وند ڌرين احتجاجن ۽  بک ھڙتالن  جو ڊگھو سلسلو شروع ڪيو، جنھن سان عوام ۾ ھڪ اميد جو ڏيئو ٻاري ڇڏيو آھي  جنھن جي ھر سنڌ ڄائي غيرتمند فرزند سپورٽ ڪيو آھي. جنھن ۾  يو اي پي ڪمپني انڙپور کان وٺي ڊي سي آفيس ڄامشورو تائين مسلسل احتجاجن  ۽ بک ھڙتالن ذريعي آواز بلند ڪندا رھيا پر جنھن ۾ ٻه دفعا ڊي سي صاحب ڄامشوري سان ڳالھيون به ٿيون  پر ھن وقت تائين  انھن تي عمل نه ٿيو آھي  جڏھن  انھن جدوجھد ڪندڙ اڳواڻن کان معلوم ڪيوسين ته سھولتون نه ڏيڻ پويان ڇا ڪارڻ آھن تنھن تي انھن دوستن ٻڌايو ته بلڪل اسان ٻه دفعا ڊي سي صاحب سان ڳالھايون ٿيون آھن انھي وقت ته ڪامياب ٿيون ڊي سي صاحب ڳالھيون مڃيون به صحيح پر پوءِ اھي سياسي اختلافن جي بنيادن تي ڪامياب نه ٿي سگھيو آھن ھڪڙي پاسي محنت ڪندڙ جدوجھد ڪميٽي جا اڳواڻ جيڪي علائقي کي خوشحال ڪرڻ لاءِ مسلسل عملي ميدان ۾ آھن پر ٻئي پاسي علائقي تي موجود ايم پي اي ۽ ايم اين اي صاحب جي خاموشي عوام لاءِ ھڪ سواليا نشان پيدا ڪري رھيو ته جن تي عوام جو اصلي ۽ حقيقي  فرض آھي اھي خاموش ڇو آھن ۽ جيڪي جدوجھد ۽ آواز اٿاري رھيا آھن ته انھن اڳيان رڪاوٽ ڇو بڻجي رھيا آھن. انھي سبب ڪري علائقو قديمي آثار جو ڏيک ڏئي رھي آھي.

اتي موجود اسڪول، اسپتال، شھر جي حالت ناڪارا بڻيل آھي پر ڪابه سھولت نه آھي (يو اي پي) ڪمپني ڪنھن به علائقي واسي کي مزودري سان نه لڳائيو آھي پر جن زمينن مان گيس نڪتو آھي انھن جي چند ماڻھن کي ”يو اي پي “ گيس ڪمپني ”اڌاري“ روزگار ۾ لڳايو آھي جنھن کي لڳايو ويو آھي  تن کي پگھار تمام ٿوري ٿا ڏين  جن سان انھن نوجوانن جو گذر سفر به مشڪل سان ٿيندو آھي تنھن نوجوانن مان ٿوري پگھار سبب ضمير کوسي جھڙا نوجوان  فاقا ڪشي ۾ زندگي گذري رھيا آھن جن ڪيترائي ڀيرا گيس انتطاميا کي شڪايتون به  ڪيون  انھي باوجود به ڪو کڙتيل نه آھي نڪتو. پر شڪايتن سبب نوجوان کي مشڪلات پيش ٿيون اچن .

سڀني ڳالھائين کي ھڪ پاسي رکي سوچجي ته جن نوجوانن کي انڙپور ۾ ملندڙ گيس انتظاميا پاران ٿورڙي پگھار  ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي، تن جو ھن مھانگائي جي دور ۾ گذر سفر ڪرڻ تمام مشڪل ٿي ويو آھي تنھن (يو اي پي) انتظاميا  انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري انھن مزدوري ڪندڙ نوجوانن جو معاشي قتل عام ۽ استحصال ڪري رھيو آھي اها سنئين سڌي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي. جيڪو گيس انتظاميه جو ظالماڻو رويو آھي.

انھيءَ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي انتظام سنڀاليندڙ ۽ نوجوانن جي معاشي قتل عام ڪندڙن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪرائي ته جيئن ضمير جھڙن ھزارين نوجوانن ۾ خوشي موٽي سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.