ڀارت ۾ مسلمانن کي نسل ڪشي جي ڌمڪين تي ڳڻتي

نئين دهلي (اي پي پي) ڀارت جي هٿياربند فوج جي پنجن اڳوڻن سربراهن سميت 200 اهم شخصيتن صدر رام ناٿ ڪووند ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي نالي هڪ کلئي خط ۾ رياست اتر اکنڊ جي هري دوار ۾ ٿيل هندن جي اجتماع ۾ مبينه اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي نشرياتي اداري مطابق گذريل سال 17 کان 19 ڊسمبر جي وچ ۾ رياست اتر اکنڊ جي هري دوار ۾ ٿيل هندن جي اجتماع ۾ ماڻهن کي هٿيار کڻڻ ۽ سلمانن جي نسل ڪشي جي اپيل ڪئي وئي هئي جنهن تي ڀارت جي اڳوڻي چيف آف اسٽاف ايڊمرل لڪشمي نارائڻ داس، اڳوڻي ايڊمرل وشنو ڀاگوت، اڳوڻي ايڊمرل ارون پرڪاش، اڳوڻي ايڊمرل آر ڪي ڀون دوون، اڳوڻي ايئر چيف مارشل ايس پي تيارگي ۽ ليفٽينينٽ جنرل رٽائرڊ وجي اوبراءِ سميت ٻه سو اهم شخصيتن ڀارتي صدر ۽ وزدراعظم کان علاوه چيف جسٽس آف انڊيا اين وي رمنا، نائب صدر ايم وين ڪيانائيڊو، لوڪ سڀا جي اسپيڪر اوم برلا ۽ تمام سياسي پارٽين کي هڪ کليل خط اماڻيندي چيو آهي ته ڀارت جي هٿياربند فوج، آرمي، سامونڊي فوج ۽ هوائي فوج سميت مرڪزي هٿياربند فوجون  سي اي پي ايف ۽ پوليس ملڪي سلامتي، اندروني ۽ پرڏيهي معاملن جون ذمه دار آهن ۽ انهن سمورين ڀارت جي آئين ۽ سيڪيولر قدرن جو حلف کنيو آهي، ان لاءِ اسان اهڙي اشتعال انگيزي، تشدد ۽ نفرت انگيز تقريرن جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، جس سان نه رڳو اندروني سلامتي کي سنگين خطرو پيش ايندو بلڪه سماجي ڍانچو پڻ متاثر ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.