ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي طارق روڊ دلڪشا پارڪ ۾ رات دير سان حددخلين خلاف آپريشن ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ ايسٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد جي سربراهي ۾ ڪيو ويو. آپريشن دوران غيرقانوني دوڪانن کي ڊاهي پٽ ڪيوويو. اينٽي انڪروچمينٽ جي اختيارين موجب دلڪشا پارڪ ۾ غيرقانوني 10 دوڪانون قائم هيون. آپريشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سينئر سپرنٽينڊنٽ پوليس(ايس ايس پي) ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي موجب پارڪ جي بحالي لاءِ آپريشن اڌ رات جو شروع ڪيو ويو هو جيڪو صبح تائين جاري رهيو ۽ هاڻ ان تي ڪم بند ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پارڪ جي ايراضي قائم مدرسي جي تعميرات 95 سيڪڙو پٽ ڪئي وئي آهي ۽ 600 گز کان وڌيڪ ايراضي خالي ڪرائي وئي آهي. ايس ايس پي موجب پارڪ تي دلڪشا ڪلب ۽ لاڳاپيل 10 دوڪانون مڪمل طور تي ڪيرايون ويون آهن.حدد دخلين خلاف آپريشن دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي شهر جي پوليس پڻ موجود هئي ۽ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.