ڪراچي ۾ مقابلو، کوکر گينگ سربراهه جو پٽ زخمي

ڪراچي )رپورٽر ) ڪراچي ۾گاڏين جي چوري روڪڻ لاءِ ناڪا بندي دوران اي وي ايل سي پوليس ڪراچي جي اهم گهربل موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ ڪراچي جي وڏي نيٽ ورڪ جيڪي ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ کوکر گينگ جنهن جو سربراهه عبدالغفور کوکر آهي ان جي پٽ وقار کوکر کي پوليس مقابلي دوران کيس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي،  جوابدار کان چوري جي موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي جيڪا شاھراھ فيصل ٿاڻي جي حد مان چوري ڪئي وئي هئي جوابدار کان اسلحو پستول برآمد ڪيو ويو آهي جوابدار وقار کوکر لاتعداد موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث آهي ۽ 4 دفعا اي وي ايل سي پوليس هٿان گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي جوابدار وقار کوکر موٽر سائيڪل جي انجڻ ۽ چيسز نمبر پنچ ڪرڻ جو انتهائي ماهر آهي جيڪو انجڻ نمبر ۽ چيسز نمبر پنچ ڪري ڪراچي ۾ ئي وڪرو ڪندو هو ۽ ڪاغذ بلوچستان مان ٺهرائيندو هو ۽ بلوچستان ۾ به وڪرو ڪري ڇڏيندو هو جوابدار مٿان سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي موٽر سائيڪل ۽ ڪار چوريون ڪندڙن کي بخشش نه ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.