هڪ نمبر تان ڌمڪين واريون ڪالون پيون اچن: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته گذريل ٽن چئن ڏينهن کان هڪ نمبر تان ڌمڪيون واريون ڪالون ۽ هٿيارن جون تصويرون اچي رهيون آهن ته شيخ تي حملو به ٿي سگهي ٿو جنهن تي منهنجي پي ايس او ايف آءِ اي کي درخواست پڻ جمع ڪرائي ڇڏي آھي، گذريل رات کان مختلف گروپن ۾ هڪ ٻي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سنڌ پوليس مون تي ناراض آهي، مان پوليس ھٿان قتل ٿيندڙ معصومن جو آواز بڻجندو آھيان حليم عادل شيخ چيو ته منهنجي پوليس سان ڪا دشمني ناهي، جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار سان ناانصافي ٿيندي آھي ته پوليس سان گڏ پڻ بيھندو آھيان ڪجهه مهينا اڳ سکن ٿاڻي جي پوليس اهلڪار نعمان شاهه کي قتل ڪيو ويو هو شڪارپور زخمي ۽ شھيد ٿيندڙ پوليس اھلڪار جي گھر سڀ کان پھريان اسين ويا ھئا سين، اوباوڙو ۾ ھيڊ ڪانسٽيبل سلطان رند کي قتل ڪيو ويو، سندس گھر پھچي تعزيت ڪئي ھئي ايس ايڇ او جي ٽيم سهراب ڳوٺ ۾ ڦرلٽ ڪئي آئون پوليس اھلڪارن کي انعام ڏيڻ پھتو ھيس.  ھي وڊيو پوليس جي نه پر ھڪ سازش آهي، ان جا ڊائريڪٽر، پروڊيوسر وزيراعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس ۾ ويٺا آهن. مان اللھ پاڪ جي ذات کان سواءِ ٻي ڪنھن کان ڪونه ٿو ڊڄان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.