سچل ٿاڻي جي حد ۾ موٽر سائيڪل لفٽر گرفتار

ڪراچي (رپورٽر)سچل ٿاڻي جي حد ۾ واقع سميرا چوڪ تي اي وي ايل سي پوليس ۽ موٽر سائيڪل لفٽر ۾ مقابلي دوران  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ موٽر سائيڪل لفٽر 28 ورهين جو وقاص پٽ عبدالغفور زخمي ٿي پيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هڪ لوڊ پستول ۽ چوري جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي، زخمي جوابدار کي علاج جي لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي

  • سنڌ ۾ ڪورونا جا 403 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پاران ڪرونا وائرس بابت وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب ڪا بھ فوتگي رپورٽ نٿي آھي، جڏھن تھ 403 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن ۽ 17 مريض صحتياب ٿيا آھن. آچر ڏھاڙي جاري ڪيل تفصيلي رپورٽ مطابق بيان ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب ڪنھن بھ متاثر جي فوت ٿيڻ جي رپورٽ ناھي ملي، جڏھن تھ فوتگين جو گڏيل انگ 7673  ٿي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي.

  • جمادي الثاني جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اڄ اجلاس

اسلام آباد(م ڊ) جمادي الثاني 1443هجري جي چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اڄ) اسلام آباد ۾ ٿيندو. چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد مذهبي معاملن واري وزارت، بين المذاهب هم آهنگي، ڪوهسار بلاڪ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندو. صوبائي ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻيون ڪميٽيون پنهنجن پنهنجن هيڊ ڪوارٽرن ۾ چنڊ بابت اجلاس ڪنديون.  عوام کي چنڊ ڏسڻ بابت اطلاع ۽ شاهدين جو اطلاع ڏيڻ لاءِ مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جو موبائيل نمبر 03219410041 ۽ مزهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل(آر اينڊ آر) سد مشاهد حسين خالد 03006831822 جڏهن ته ڊائريڪٽر حافظ عبدالقدوس کي 03332697051 تي رابطو ڪري اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.