خيرپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن شاهه لطيف ٿاڻي جي حد شادي شهيد روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي مٺل پٽ هادي بخش شنباڻي جي وارثن طرفان مقتول جو لاش ايس ايس پي آفيس اڳيان رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي مقتول جي والد هادي بخش شنباڻي، حاجي نظر حسين شنباڻي، طفيل محمد، علي محمد ۽ الله بخش شنباڻي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات اڻ ڄاتل ڦورو مقتول مٺل شنباڻي کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦر ڪري کيس بي گناهه گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا پر 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ڏوهاري وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، ماڻهو پاڻ کي گهرن ۾ به غير محفوظ سمجهي رهيا آهن خيرپور پوليس کي سکڻيون دعوائون ڪرڻ بدران امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مقتول مٺل شنباڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڌرڻي دوران ڊي ايس پي مهدي رضا مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي فوري گرفتاري جي خاطري ڪرائي سندن احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو. مقتول جي وارثن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن اندر واقعي جا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.