ڳجهي ڄاڻ ليڪ ڪرڻ تي نيب سکر جو اڳوڻو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر برطرف

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) نيب آفيسر ڪرپشن سيڪريسي آئوٽ ڪرڻ تي برطرف، سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي نيب پاران برطرف ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري، خبر موجب: نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله وڳڻ کي مس ڪنڊڪٽ ۽ ڪجهي ڄاڻ آئوٽ ڪرڻ تي نيب پاران برطرف ڪيو ويو آهي، جنهن جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ ڪجھ ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو. ان ڏس ۾ نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم وڳڻ کي ڳجهي معلومات ۽ مس ڪنڊڪٽ جو الزام ثابت ٿيڻ کانپوءِ نيب کيس برطرف ڪري ڇڏيو آهي، نيب پاران نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ فهيم وڳڻ جيڪو هن وقت ڪي پي ڪي ۾ مقرر آهي سندس برطرفي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي،  ياد رهي ته فهيم وڳڻ سکر ۾ مقرري دوران ڪيترائي ئي اهم ڪيس پڪڙيا ۽ ريفرنسز پڻ داخل ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.