آءِ ايف ايف ڪاوڙ ۾ آهي، فنانس بل جلد منظور ڪرايو ويندو: شوڪت ترين

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين اعتراف ڪيو آهي ته آءِ ايف ايف هن ڀيري ڪاوڙ ۾ آهي، ڪيتريون ئي شيون مجبوري ۾ ڪيون آهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته اتحادي گڏ آهن، ڪوشش ڪبي ته فنانس بل جلد قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائجي. هن چيو ته  اسٽيٽ بئنڪ ايڪٽ سينيٽ مان به منظور ڪرائڻو آهي، ان ۾ وقت لڳندو.  وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم ليوي آءِ ايم ايف جي چوڻ تي لڳائي. هن چيو ته آءِ ايم ايف 700 ارب رپين جي ٽئڪس جو چيو، اسان 343 تي کڻي  آياسين. هن ڀيري آءِ ايم ايف سختي سان ڏسي رهيو آهي جڏهن ته  12 جنوري جي تاريخ جي تجويز مون ڏني ته منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪبي، جنهن کي آءِ ايم ايف مڃيو. قومي اسيمبلي ۾ بل منظور ٿيو ته آءِ ايم ايف کي ٻڌائبو ته اڳڀرائي ٿي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.