”فوج بيرڪن ۾ واپس وڃي“ سوڊان ۾ جمهوريت پسندن جا ارادا اٽل

خرطوم(م ڊ) سوڊاني فوج راڄڌاني خرطوم ۾ صدارتي محل ٻاهران گڏ ٿيل هزارين جمهوريت پسندن خلاف آنسو گئس جو استعمال ڪيو،فوج ان علائقي ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو نظام به بند ڪري رکيو آهي، 25 آڪٽوبر تي فوجي جنرل عبدالفتاح البرهان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو هو، تڏهن کان هزارين ماڻهن پاران صدارتي محل کان علاوه ٻين علائقن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، آچر ڏينهن مظاهرين پاران ” عوام جي طاقت“ ۽ ” فوج بيرڪن ۾ واپس وڃي“ جهڙا نعرا هنيا ويا، اي ايف مطابق فوج سوشل ميڊيا تي ڪوريج جي خدشي سبب انٽرنيٽ جي سهولت معطل ڪري ڇڏي، ان کان علاوه راڄڌاني ۽ ٻين شهرن وچ ۾ زميني رستن کي ڪنٽينرن ذريعي بند ڪيو ويو آهي، آڪٽوبر ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 56 ماڻهو مارجي چڪا آهن، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جنرل برهان جي جمهوريت جي واعدن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.