مڪاني چونڊن ۾ ” اهي“ غيرجانبدار ٿي ويا: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 23 مارچ جي مارچ جي تياري لاءِ اجلاس گهرايا ويا، سڀني جماعتن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ عزم جو اظهار ڪيو، 23 مارچ تي قوم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندي.پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جن ماڻهن 2018 ۾ مداخلت ڪئي، اهي مڪاني چونڊن ۾ نيوٽرل نظر آيا، ووٽر جي عزت کي ٻاهرين ملڪ يا ادارن سان جوڙڻ ووٽر جي بي عزتي آهي.هن چيو ته حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، هن حڪومت ۾ ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، ملڪ کي اهڙي صورتحال مان ڪڍڻ قومي فرض بڻجي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ جي يو آءِ جي فتح اپوزيشن جي فتح آهي، مڪاني چونڊن عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي، ايندڙ مرحلي ۾ حڪمران جماعت جو ان کان به خراب حشر ٿيندو.فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته استعيفيٰ ان ڪري ڏنيون پئي ويون ته تڪڙي چونڊون ٿين، مان ڪڏهن به پ پ ۽ اي اين پي کي مخالف نه سمجهيو، ٻنهي کي سدائين اپوزيشن جو حصو سمجهيو، اهي تنظيم ۾ گڏ ناهن پر حڪومت خلاف سوچ هڪ آهي، 23 مارچ تي قوم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندي، پنجاب ۾ ذميواري شهباز شريف جي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.