ڪي پي ۾ مڪاني چونڊ، پي ڊي ايم مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن سبب پي ڊي ايم جو لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مهانگائي مارچ جو اعلان ڪيو آهي پر هاڻ پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.ان حوالي سان پي ڊي ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون 27 مارچ تي ٿينديون جنهن سبب لانگ مارچ جي تحريڪ متاثر ٿي سگهي ان لاءِ لانگ مارچ جي تاريخ تبديل ڪري حتمي فيصلو ڪيو ويندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.