سنڌ ۾ بصر،ٽماٽي جو بمپر فصل لهڻ باوجود ايران مان درآمد

حيدرآباد: سنڌ ۾ هن وقت بصر ۽ ٽماٽي جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ جي باوجود ايران مان بصر ۽ ٽماٽي جي امپورٽ جو سلسلو بند نه ٿيو، جنهن ڪري سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن بدين ۽ ٺٽي جي ٽماٽو هن وقت ٽڪي ڌڙي اگهه تي وڪامجي رهيو آهي، بدين جا آبادگار 10 ڪلو ٽماٽن جو ڪٽو 70 کان 80 روپين ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ بصر ۽ ٽماٽي جي آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. آبادگارن جي ٿيل اجلاس ۾ اها به دانهن ڪئي وئي ته کجور به ايران مان امپورٽ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي کجور جو اگهه گهٽجي ويو آهي، آبادگار جيترو خرچ فصل تيار ٿيڻ ۾ ڪن ٿا اهو به نٿو نڪري.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.