سنڌ مڪاني نظام خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان، پ پ پاڪستان لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ چاهي ٿي: وفاقي سرڪار

ڪراچي (رپورٽر) رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي مڪاني ترميمي بل کي رد ڪندي ان خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي  ۾ خرم شيرزمان ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمرچيو سموري اپوزيشن ۾ اتفاق آهي ته اهو سنڌ ۽ ملڪ دشمن قانون آهي، سنڌ جو پراڻو مڪاني قانون آئيني شرطن تي نه لهندو هو ۽ اهو به اسان جي خيال ۾ غير آئيني هو، جيستائين اختيار هيٺين سطح تي منتقل نٿا ڪيا وڃن مسئلا رهندا. هن چيو ته اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن ۾ مقامي حڪومتون بااختيار هجن، سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين، نئين مڪاني بل خلاف پٽيشن تيار ڪري رهيا آهيون، اسان عدالت وينداسين ۽ هر سطح تي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين. ارڙهين ترميم ذريعي صوبن جي اختيارن ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي، پيپلز پارٽي پاڪستان لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ چاهي ٿي.سندس چوڻ هو ڪورونا جي معاملي سياست نٿو ڪرڻ چاهيان، وفاقي حڪومت ويڪسينيشن مهم لاءِ 250 ارب رپيا خرچ ڪيا، سنڌ حڪومت جي اڳواڻن طرفان چيو ويو ته قانون صوبائي حڪومت کي ويڪسين خريدڻ کان روڪي ٿو پر اهڙو ڪو قانون ناهي، جيڪو صوبي کي پنهنجي ماڻهن لاءِ ويڪسين خريد ڪرڻ کان روڪي. اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب عوام مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهي، نيب جي رپورٽ چئي ٿي ته جنهن وقت سنڌ جو عوام مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو هو، ان وقت 20 ارب رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي رهي هئي ۽ سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اها ”ڪوئا“ کائي ويا، خبر ناهي اهي ڪوئا انساني نوعيت جا هئا يا ٻيا،جيئن فالودي واري، ريڙهي وارا هئا جن جي اڪائونٽس مان سنڌ جي حڪمرانن جا اربين رپيا نڪرن ٿا ان معاملي تي قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ ۾ مقامي حڪومتن جوقانون پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 140 تي پورو نٿو لهي، ان تي پٽيشن عدالت ۾ آهي، جيڪڏهن مڪاني نمائندن کي اختيار نه ملندو ته تڪرار وڌندو،هن چيو ته ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آندي پئي وڃي، بدقسمتي سان پاڪستان 30 سالن کان آءِ ايم ايف پروگرام جو حصو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي قيمت پنجاب کان وڌيڪ آهي، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جو عوام مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.