عمران خان ڪورونا فنڊ جي 40 ارب رپين جو حساب ڏئي: شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشازيا مري  وفاقي وزير فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي ڪينسر، دل، گردي ۽ جگر جون بيمارين جو مفت علاج ٿيندو آهي، هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ مان ماڻهو مفت علاج لاءِ سنڌ اچن ٿا،  عمران خان سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتالن کي دشمن جي نظر سان ڏسي ٿو، عمران خان حيران آهي ته سنڌ ۾ ڪينسر جو مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان جي مالي سهولتڪارن دوائن جون قيمتون وڌائي ڇڏيون، زندگيون بچائيندڙ دوائون غريب خريد نٿا ڪري سگهن،هن  چيو ته نام نهاد هيلٿ ڪارڊ سان ڪينسر، دل، جگر ۽ گردن جي علاج   جون دوائون نٿيون ملن،هن چيو ته عمران خان ڪورونا فنڊ جي 40 ارب رپين جو حساب ڏيو، هن چيو ته ڪي پي ڪي  ۾ ماڻهو گيس لاءِ روئي رهيا آهن، فواد چوڌري ڪراچي ۾ مذاق ڪري رهيو آهي،هاڻي ته پي ٽي آءِ جي وزيرن به توانائي جي وفاقي وزير جي نااهلي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.