ريڪوڊڪ معاهدي تي خدشا ختم ٿيڻ گهرجن: اختر مينگل

ڪوئيٽا(م ڊ) بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته پارٽي جي اجلاس ۾ ريڪوڊ معاهدي بابت غورويچار ڪيو ويو، ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچستان جي وسيلن جو مالڪ هتان جو عوام آهي، ريڪوڊڪ بابت گذريل ڏينهن اسيمبلي ميمبرن ڪو به اهڙي معاهدي تي يقين نه ڪندو جيستائين خدشا ختم نٿا ڪيا وڃن، هن چيو ته ڪوڊڪ معاهدي بابت پنهنجو واضح موقف پيش ڪنداسين، رڪوڊ معاملي تي ٻين پارٽين کي به اعتماد ۾ وٺنداسين، بلوچستان جي معدني وسيلن لاءِ هتي ريفائنري قائم ڪئي وڃي، ريڪوڊڪ رٿا ۾ مقامي ماڻهن جا 50 سيڪڙو شيئرز رکيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.