پ پ جي ڪري سنڌ واسي صحت ڪارڊ کان محروم رهندا، ڀاڻ جو اگهه گهٽ آهي: فواد چوڌري

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد حسين  چوڌري چيو آهي ته سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلزپارٽي خبر نه آهي سنڌ جي عوام کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن، شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو پر نواز شريف واپس نه آيو، نواز شريف جي واپسي جي لاءِ اٽارني جنرل کي چيو ويو آهي ته هو اهو معاملو عدليه آڏو اٿاري، فنانس ترميمي بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻ عالمگير خان سان سندس رهائشگاه تي والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو،هن چيو ته سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ان پروگرام ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته راشن پروگرام ۾ به سنڌ حصو نه وٺي رهيو آهي،  خبر نه آهي مراد علي شاهه ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن.  100 وڏين ڪمپنين 929 ارب رپين جو منافعو ظاهر ڪيو آهي، ميڊيا هائوسز جي منافعي ۾ به 33 کان 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايترو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ميڊيا هائوسز ۽ ڪمپنين پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو. هن چيو ته فنانس (ترميمي) بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو تعين اوگرا ڪري ٿو، عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. هن چيو ته جڏهن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته ميڊيا ۾ هيڊ لائينز شايع ڪيون وڃن ٿيون پر جڏهن گهٽ ٿين ٿيون ته ميڊيا ان تي خاموش رهي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في ٻوري آهي، پاڪستان ۾ 1700 کان 2000 رپيا قيمت آهي، هڪ ٽرڪ يوريا جي ٻاهر هلي وڃي ته ان سان 72 کان 78 لک رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن شيءَ جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿئي ته سنڌ ۾ ان جي ڊيمانڊ وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ يوريا جي پيداوار ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.