هڪ ڪوئو ڪورونا فنڊ جا 40 ارب رپيا کائي ويو: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جنهن جو چيف پولنگ ايجنٽ هو، ان جي دور ۾ ڪڻڪ جي چوري ٿي. وفاقي وزير اسد عمر جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته ڪڻڪ چوري جو نوٽيس پ پ جي وزير ورتو هو ۽ صوبائي حڪومت ئي نيب کي جاچ لاءِ لکيو هو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ چوري ڪندڙ ڪوئن کي پڪڙيو هو، جن مان هڪ ڪوئو ڪورونا فنڊ جا 40 ارب رپيا کائي ويو آهي. سندس موجب انهي ڪوئي ايل اين جي جي خريداري ۾ قوم جا 6 سئو ارب رپيا چوري ڪيا، ڪجهه ڪوئن ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.