بلاول جي وڏن کي ملڪ ٽوڙڻ جي عادت پيل آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جي چيئرمين سيد مصطفيٰ ڪمال سنڌ جي حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو صاحب! توهان جي  بزرگن کي ملڪ ٽوڙڻ جي عادت پئجي وئي آهي، مصطفيٰ ڪمال جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڳلُو ڪٽيندڙن جو خاتمو ٿي ويو ته لکين ماڻهو مصطفيٰ ڪمال بڻجي ويندا، اڄ مصطفيٰ ڪمال اڪيلو ناهي، هن  چيو ته جڏهن اڪيلا هئاسين تڏهن به نه ڊڄندا هئاسين اڄ لکين مصطفيٰ ڪمال آهن، هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي هاڻي رڳو پنهنجي لاءِ نه پر سنڌ جي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ به وڙهڻو پوندو، هن چيو ته سڄي ڪراچي کي آچر 30 جنوري 2022 تي تبت سينٽر تي گڏ ٿيڻو آهي، پي ايس پي سربراهه سيد مصطفيٰ ڪمال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وڏي وزير کي پري کان ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي، اتي تقرير نه ٿيندي،سڌو وزيراعليٰ هائوس جي گيٽ تي وينداسين،هن چيو ته هو سنڌ جي عوام جا حق واپس ڪرائيندا، سندس چوڻ هو ته هي سڄي پاڪستان ۾ انقلاب جي اڳڪٿي هوندي، مصطفيٰ ڪمال ڪارڪنن کي خطاب ۾ چيو آهي ته ڪارڪن هر گهر جو دروازو کڙڪائي، 30 جنوري تي جيڪو به گهر ۾ ويهندو اهو ظالم جو ساٿي هوندو، انهن ۾ ۽ آصف زرداري ۾ ڪو به فرق نه هوندو.هن چيو ته هڪ ڏينهن عوام پنهنجا گهر ڇڏيا ته ايندڙ نسلون امن ۾ رهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.