ليمارڪيٽ ۾ بلڊر مافيا خلاف وڪيلن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي لياري ليمارڪيٽ عثمان گل ڪمپائونڊ ٺٽو بس اسٽاپ ڀرسان بلڊر مافيا پاران جعلي ڪاغذ ٺهرائي علائقي واسين کي بي گهر ڪرڻ خلاف لياري جا وڪيل ميدان تي اچي ويا وڪيل انور ميمڻ، ابراهيم رئيس، اقبال بلوچ، فدا حسين قريشي ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلڊر مافيا پاران رهواسين کي بي گھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اسان انهن جو مڪمل طور تي دفاع ڪنداسين مقامي ماڻهن سان گڏجي انهن کي ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، هنن چيو ته  لياري جا رهواسي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪن ٿا جيڪي ورهين کان هتي آباد آهن بلڊر مافيا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي بيروزگاري کان تنگ اکان ڇت کسي پئي وڃي جن کي اسان ۽ لياري جو عوام رد ڪري ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.