بلال ڪالوني مان 2 ڦورو گرفتار، ڦر ڪيل سامان هٿ

ڪراچي (رپورٽر ) بلال ڪالوني پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڦرواردات ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن ۾ عبيد ولد عبدالخالق، ڪامران غوري ولد عبدالرشيد شامل آهن جوابدار بلال ڪالوني جي حد ۾ شھري کان ڦر ڪرڻ ۾ ملوث آهن. جنهن جو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي پوليس انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪيو آهي. پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدارن کان سر سيد ٿاڻي جي حد مان چوري ڪيل موٽر سائيڪل ۽ غيرقانوني هٿيار ۽ ڦر ڪيل موبائل فون هٿ ڪيو ويو آهي. جوابدارن گرفتاري دوران پوليس سان سخت مزاحمت ڪئي پوليس وڏي حڪمت عملي سان کين گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.