سنڌ جو ناليوارو اسپورٽس اينڪر راهب ٻپڙ لاڏاڻو ڪري ويو

غوثپور /ڪرمپور(نمائندا)غوثپور ڪرمپور واسي سنڌ جو نالي وارو صحافي، ليکڪ ۽ نجي ٽي، وي جو اسپورٽس اينڪرپرسن راهب علي ٻپڙ دل جي دوري سبب اچانڪ لاڏاڻو ڪري ويو،  تفصيل موجب سنڌ جو نالي واريصحافي، ليکڪ ۽ نجي ٽي، وي جو اسپورٽس اينڪرپرسن راهب علي ٻپڙ جي ڪرمپور جي ڳوٺ مير نصرالله خان بجاراڻي جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ميچ کيڏڻ کان پوءِ اچانڪ طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن کي ڪرمپور جي نجي اسپتال آندو ويو، ڊاڪٽر جي مشوري موجب کيس بهتر علاج لاءِسکر جي دل واري اسپتال  منتقل ڪيو ويو، پر هو علاج کان اڳ فوت ٿي ويو، سندس فوتگي سبب صحافين، شهرين توڙي علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي .ٻئي طرف غوثپور جي عبدالغفار اوڳاهي نارائڻ ناز شيرزمان بجاراڻي اصغر بجاراڻي جمال الدين اوڳاھي نثار احمد نصيراڻي عبدالسميع بجاراڻي  ۽ ٻين پاران بيوقتائتي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.