سنڌ ۾ سياري جون موڪلون نه وڌائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي سياري جي موڪلن جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان صوبي ۾ 20 ڊسمبر 2021 کان سياري جو موڪلون ڏنيون ويون هيون. صوبائي تعليم کاتي طرفان هاڻ بيان جاري ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون نه وڌائي رهيا آهيون. سنڌ جي تعليم کاتي طرفان چيو ويو آهي ته صوبي ۾ سومر 3 جنوري کان تعليمي ادارا کوليا ويندا ۽ تعليمي سرگرميون ٻيهر شروع ٿي وينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.