بلاول ڀٽو زرداري جو زخمي ن ليگ ايم پي اي کي فون

لاهور (م ڊ ) ن ليگ ايم پي اي تي حملي جو ڪيس، پستول مان آڱرين جا نشان گم، مالڪ جي سڃاڻپ مشڪل،  مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي بلال ياسين تي حملي ۾ استعمال ٿيل پستول جي مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل ٿي وئي. پوليس ذريعن موجب گذريل رات هٿ آيل پستول ملڪي آهي، پستول تي نمبر سان مالڪ جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته پستول تي نمبر سان ٽڪراءُ ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 ايم ايم پستول جي ميگزين مان 9 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ پستول مان آڱرين جا نشان گم آهن پر گولين جي آڱرين جا نشان فرانزڪ ڪيا ويندا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايم پي اي بلال ياسين تي حملي واري هنڌ پوليس کي هڪ پستول هٿ آيو هو. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبر پنجاب اسيمبلي بلال ياسين جي عيادت ڪئي. بلال ياسين موجب ٽيليفون تي بلاول ڀٽو زرداري حملي جي مذمت ڪئي ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. هن چيو ته اسلم گل به اسپتال ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلال ياسين موجب بيگم نصرت شهباز ۽ سلمان شهباز به فون تي صورتحال بابت پڇا ڪئي آهي.

  • اسد عمر ڪورونا وائرس جي نئين لهر بابت خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي شروعات جون واضح شاهديون نظر اچي رهيون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هاڪاري نمونن جي جينوم سيڪوئنسنگ سان ڪورونا جا اومي ڪرون قسم ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ اهو خاص طور تي ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي. هن عوام کي احتياط جي اپيل ڪندي چيو ته اهي وائرس کان بچاءَ لاءِ ماسڪ جو استعمال ڪن. واضح رهي ته گذريل ٽن ڏينهن کان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي.

نواز شريف ڊاڪٽرن جي اجازت کانپوءِ ئي واپس ايندو:مريم اورنگزيب

 

اسلام آباد (م ڊ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف پنجاب حڪومت جي سفارش تي عدليه جي اجازت سان پرڏيهه ويو هو، علاج مڪمل ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي اجازت کانپوءِ ئي وطن واپس ايندو.  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف تي عمران خان جو ڪو به الزام ثابت ناهي ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم جو بيان حلفي تي ڪارروائي جو بيان نيب نيازي ۽ ايف آءِ اي جي ناڪامين جو اعتراف آهي، اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو وڃي ته اٽو، کنڊ، بجلي، گيس ۽ دوائون چورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم ڪرپشن، مني لانڊرنگ ۽ مهانگائي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.

  • شريف،زرداري، فضل الرحمان مافيا آهن: فرخ حبيب

اسلام آباد (اي پي پي+م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي خصوصي قدمن جي ڪري هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ روانگي واپار رڪارڊ 25 سيڪڙو اضافي سان 15.125 ارب ڊالرز تي پهچي ويو آهي، گذريل مالي سال جا پهريان 6 مهينا روانگي واپار 12.110 ارب ڊالر هو. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جي غلط پاليسين جي ڪري برآمدي شعبو تباهه ٿي ويو هو. هن چيو ته اپوزيشن جو لانگ مارچ نه ڪوئيڪ مارچ هوندو، مولانا صاحب لانگ مارچ جون ڌمڪيون ڪنهن ٻئي کي ڏيو، ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ اسان جي حڪمت عملي ڪمزور رهي.هن چيو ته وزيراعظم هن ملڪ جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، نوازشريف، شهبازشريف، آصف زرادري، فضل الرحمان مافيا آهن، آرياپار وارا ناڪام ٿي ويا، ٽن سالن ۾ وزيراعظم عمران خان تي ڪرپشن جو هڪ ڪيس به نه ٺهي سگهيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.