ڀاڻ افغانستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

چمن (م ڊ ) چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪسٽم اختياريون يوريا ڀاڻ جي افغانستان اسمگلنگ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.  بلوچستان جي زميندارن پاران افغانستان ۾ ڀاڻ اسمگل ڪرڻ جو خدشو سچ ثابت ٿي ويو. چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪسٽم ۽ ليويز ڪارروائي ڪندي ڀاڻ جا 4 ٽرڪ هٿ ڪري ورتا. ڪسٽم اختيارين موجب ڪسٽم هائوس چمن ۾ ايڪسپورٽ لاءِ آيل آلو جي ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته 24 ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ جا 480 بيگ مليا. ڪارروائي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايڪسپورٽر ۽ ڪليئرنس ايجنٽ خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪارروائي دوران قومي شاهراهه تي ليويز ڀاڻ جون 3 ٽرڪون هٿ ڪري ورتيون، جن مان 1900 بوري ڀاڻ ڪئي وڃي، ليويز ٽرڪن جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته بلوچستان حڪومت پاڙيسري ملڪن مان ڀاڻ جي درآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.