ڀاڻ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو خدشو

حيدرآباد(رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ جي آبادگارن، يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي يوريا ڀاڻ جي فراهمي نه ٿيڻ جي صورت ۾ صوبي اندر ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. ڪالهه سڄي سنڌ جي آبادگارن جو اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سيد ميران محمد شاهه چيو ته ڪميشن مافيا سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ ڀاڻ جون ٽرڪون ڦرلٽ ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪا صورتحال سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن تي ايوان زراعت کي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته ڀاڻ جون ٽرڪون ڦرلٽ ڪرڻ ۾ شرپسند ڏوهاري ماڻهو ملوث آهن، اهڙن ڪرمنل واقعن ۾ ڪو به آبادگار ملوث ناهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ اندر ڀاڻ جي پيدا ٿيل هٿرادو کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ڀاڻ جي ڦرلٽ جو فوري نوٽيس وٺي ۽ مافيا خلاف سخت ايڪشن عمل ۾ آڻي يوريا ڀاڻ جي فراهمي کي سرڪاري ڪنٽرول اگهه تي يقيني بڻايو وڃي ۽ يوريا ڀاڻ جي ڦرلٽ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته ڀاڻ کي فوري طور تي اوپن ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ، ڊي اي پي، ڊيزل جون قيمتون وڌي ويون آهن، ان ڪري هلندڙ سال 2022 ۾ ڪڻڪ جو نئون امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 25 سئو روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ بصر ۽ ٽماٽي جو بمپر فصل مارڪيٽ ۾ لٿو آهي، پر اهو ٽڪي ڌڙي اگهه تي وڪامجي پيو، جڏهن ته ايران مان بصر ۽ ٽماٽو امپورٽ ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي بصر ۽ ٽماٽي جي اگهه کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. هن چيو ته کجور به ايران مان امپورٽ ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي کجور جو اگهه گهٽجي ويو آهي، پهريان سنڌ جي کجور ۽ ڇونهارو انڊيا ۾ ايڪسپورٽ ٿيندو هو، جيڪو پڻ بند ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي کجي جي فصل کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي، کجور جا آبادگار سخت پريشان آهن. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايران مان بصر ٽماٽي ۽ کجور جي امپورٽ بنا دير بند ڪري انهن جنسن جي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو، محمد خان ساريجو، غلام مجتبي انڙ، مصري ملاح، قادر نواز ميمڻ، مراد علي خان نظاماڻي، سيد الطاف حسين شاهه، عبدالحليم ميمڻ ۽ ٻين آبادگارن شرڪت ڪئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.