باقراڻي ۾ يوريا بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو، آبادگارن جا مٿي تي هٿ

خير محمد آريجا (رپورٽ: سيد عطا محمد شاهه ) باقراڻي تعلقي جي مختلف شھرن باقراڻي ، ڳيريلو، آريجا ھٽي، رشيد وڳڻ ۽ ٻين ننڊن توڙي وڏن شھرن اندر يوريا ڀاڻ جي کوٽ وڌي وئي آھي، ڀاڻ جي ڊيلرن ڀاڻ جا من پسند اگهھ مقرر ڪري غريب مسڪين پورھيت ھارين ۽ آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا آھن، جڏھن ته يوريا ڪارو ڀاڻ 9 ھزار في ٻوري ۽ يوريا اڇوڀاڻ 3 ھزار کان 28 سئوفي ٻوري وڪرو ڪري رھيا آھن، جڏھن ته باخبر ذريعن موجب ڀاڻ جا ڊيلر ڏيتي ليتي عيوض انتظاميه کان به ڏاڍا بڻجي ويا آھن، ھوڏانھن ڪجھ ڏينھن اڳ عوامي شڪايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر باقراڻي ڀگوان داس ڀاڻ ڊيلرن سان گڏجاڻي ڪوٺائي پر ان جو به ڪوکڙ تيل نه نڪتو آھي،جنھن سبب آبادگارن ۽ ھارين جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن ۽ ھن سال ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ ۽ گھٽ اپت جو انديشو آھي، ان موقعي تي تعلقي باقراڻي جي ھارين ۽ آبادگارن رياض حسين سيال، اياز علي ابڙو ، خادم حسين ابڙو، حاجي ڪفايت ڪلھوڙو، عبدالغفور سولنگي، خالد آريجو، غلام رسول ڪنڀر، قاسم راجپوت ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته افسوس آھي جو پوري سنڌ جيان باقراڻي تعلقي ۾ به يوريا ڀاڻ جي کوٽ ٿي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.