بلوچستان ۾ نوجوان جي قتل خلاف احتجاج، اڳوڻو سيڪيورٽي آفيسر نه پڪڙيو

تربت ( م ڊ) بلوچستان ۾ نوجوان جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي، سوشل ميڊيا تي به سخت ردعمل ڏيکاريو پيو وڃي. جڏهن ته قتل ۾ ملوث اڳوڻو سيڪيورٽي آفيسر اڃا تائين نه پڪڙيو ويو آهي. ڪيچ جي علائقي ۾  25 ڊسمبر جي رات قتل ٿيل سراج بلوچ قتل ۾ ملوث جوابدارن مان مک جوابدار قمبر گرفتار نه ٿيو. سراج بلوچ جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان رات ٻه ماڻهو قمبر ۽ جهانزيب گهر آيا، جملن جي ڏي وٺ بعد سراج کي قتل ڪيو. انهن چيو ته شاهمير سندن قاصد هو ان سان جهيڙو ڇو ڪيو ويو، جنهن تي سراج چيو ته هن کيس سندس گهر اچڻ کان روڪيو هو.  سراج جي امڙ سعيده بلوچ چيو ته ظالمن منهنجو گهر اجاڙي ڇڏيو، چاهيان ٿي ٻي ماءُ سان ائين نه ٿئي. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته ظالمن گهر ۾ گهڙي سندس پٽ کي قتل ڪيو.سراج جو ڪنهن به تنظيم سان تعلق نه هو. ان سلسلي ۾ ڊي سي ڪيچ حسين جان بلوچ چيو ته جوابدار قمبر ماضي ۾ سيڪيورٽي فورس جو ملازم هو، پر ڀڄڻ بعد هو ملازم ناهي رهيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.