پ پ سرداري نظام مضبوط ڪيو، سنڌيو سنڌ توھان کان کسي پئي وڃي: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمدخان/ڪڙيو گهنور(نمائندا)ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف ۽ شھيد علي مير رند جي پھرين ورسي ملهائي وئي جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي قبضا آهن پاڪستان جو عوام ڪرپشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آهي يوريا، کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا هارين کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ،هن چيو ته  پيپلز پارٽي سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري سنڌ کي غلام ڪري رکڻ چاھي ٿي ھنن جو اصل چھرو انتقام ۽ دھشتگردي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام سان ظلم ڪري رھي آھي، وسيلا تين وال ڪيا ويا آھن،عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي، سنڌ حڪومت جو مڪر ۽ چالبازي نه  ھلندي،هن  چيو ته  بلدياتي اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن جو مقابلو ڪيو ويندوهن چيو ته  خواھش ھئي ته  صوبائي خودمختياري ملندي، ڪانڪرٽ لسٽ ختم ٿيندي، سنڌ جا ماڻھو وسيلن جا مالڪ ٿيندا، سنڌي ماڻھن پنھنجي صوبائي خودمختياري لاءِء پنھنجون جانيون ارپيون ۽ جدوجھدون ڪيون،پر پيپلز پارٽي صوبائي خودمختياري کي ڪرپشن۽ ڦرلٽ جو ھٿيار بنائي ڇڏيو آھي،هن  چيو ته  سنڌيو سنڌ توھان کان کسي پئي وڃي سنڌ کي  رسول بخش پليجو، شھيد فاضل راهو، ڊاڪٽر قاضي غفار، شھيد غزالا بتول،شھيد عاشق جوڻيجو،شھيد ستار انڙ،شھيد شبير بليدي،رسول بخش ڏيٿو، ڪامريڊ علي سوڍو، حڪيم ھاليپوٽو جي ضرورت آهي ، هن چيو ته  سنڌ جي نوجوانن لاءِ ريلوي، واپڊا، سول ايوي ايشن، سئي گئس، او جي ڊي سي ايل سميت وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جا بند پيل دروازا کوليا وڃن، ڊاڪٽر گلزار جماڻي چيو ته  حڪومت جي ناڪامي جي ڪري سنڌ جو عوام مسئلن جو شڪار آھي حنيف باگراڻي چيو ته پيٽرول ۽ زرعي ڀاڻن جون قيمتون ته  وڌايون ويون آھن پر عوام جي آمدني ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن،ونود ڪمار چيو ته  فرقيواريت، انتھاپسندي، عسڪريت پسندي ۽ ڪرپشن واريون پاليسيون ختم ڪرڻيون پونديون. ايڊووڪيٽ ستار سرڪي علي مردان رند چيو ته  زراعت تباھ ٿي چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.