لارڪاڻي ۾ ناري سان زيادتي الزام ۾ اسٽيٽ ايجنسي مالڪ گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي پوليس شهر جي بيت المال ڪالوني ۾ مبينا طور 16 سالن جي نوجوان ناري گل ناز ڌيءَ غلام محمد شيخ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ اسٽيٽ ايجنسي جي مالڪ شاهنواز شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن دوران متاثر ناري پنهنجي والدين سان گڏ ٿاڻي پهچي اهڙي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي ناري گل ناز شيخ دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجا والدين ۽ ٻيا گهر واري ٻاهر ويل هئا ته ان دوران شاهنواز شيخ گهر خالي ڏسي مون سان زيادتي ڪري قتل جي ڌمڪي ڏني. هن مطالبو ڪيو ته شاهنواز شيخ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ناري جي پيءُ غلام محمد ۽ امڙ ياسمين شيخ دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 27 ڊسمبر جي ڏينهن اسين ٻارن سميت سکر ۾ مائٽن جي شادي تي وياسين ته گهر خالي ڏسي شاهنواز شيخ اسان جي نياڻي سان زيادتي ڪئي آهي جيڪو هينئر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. واقعي بابت الزام هيٺ آيل شاهنواز شيخ صحافين کي ٻڌايو ته مون غلام محمد شيخ کي 9 لک روپين ۾ جڳهه وٺي ڏني جن پئسن مان انهن مون کي ساڍا 5 لک روپيا ڏنا ۽ رهيل پئسن جي مون کانئن گهر ڪئي ته انهن مون مٿان ڪوڙو ۽ بي بنياد الزام لڳائي منهنجا پئسا ڦٻائڻ چاهن ٿا جيڪي پئسا مون کي جڳهه جي مالڪ کي ڏيڻا آهن ۽ هو مون کي مسلسل تنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مون ناري سان زيادتي ناهي ڪئي، منهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو جيڪڏهن ڪا به ثابتي ملي ته منهنجي سزا خون نه پر گولي آهي ڇاڪاڻ آءُ اڄ به صاف آهيان ۽ سڀاڻي به صاف رهندس. منهنجي وس وارن کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ بعد شاهنواز شيخ کي گرفتار ڪري مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون في الحال ناري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.