اٽڪ مان 10 ڪروڙ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙي بازياب

اٽڪ (م ڊ ) اٽڪ جي علائقي ڪمرا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل ڏيڍ ورهين جي ٻارڙي کي بازياب ڪرايو. پوليس موجب 2 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هدالي مان ٻارڙي کي اغوا ڪيو هو، جوابدارن ٻارڙي جي بازيابي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو. ڊي آءِ جي خوشاب فيصل رانا جو چوڻ آهي ته اٽڪ مان ٻارن جي اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي هڪ عورت سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.