قاضي احمد جو زمين تڪرار جرڳي ۾ حل نه ٿيو، رڪارڊ جي چڪاس جو فيصلو

نوابشاھ(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) قاضي احمد جي ديھ ڀنڀاڻي ۾ 800 ايڪڙ کان مٿي زرعي ايرضي جنھن تي زردارين، ڀنڊن، ٻگھين ۽ ٻين برادرين ۾ زمين جي مالڪي تان پيدا ٿيل تڪرار جو راڄوڻي فيصلو نوابشاھ سرڪٽ ھائوس ۾ منظور پنھور جي سرپينچي ۾ ڪيو ويو ڌرين طرفان زردارين پاران مينھان خان رند، سردار اسماعيل ڏاھري، محمد سالم زرداري جڏھن تہ ٻي ڌر طرفان امينن ۾ ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ، روشن ٻرڙو، حسن ٻنڀائي موجود ھئا فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين طرفان زمين جي مالڪي بابت قانوني دستاويز سرپئنچ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي سرپئنچ مير منظور پنھور ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ زمين جي معاملي تي ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ويون. اصل زمين لغاري نواب خاندان جي آھي ڀنڊن جو چوڻ آھي تہ اھا زمين انھن رزيوم ڪرائي آھي ھاڻ اصل مالڪي جي خبر روينيو رڪارڊ جي تصديق مان پوندي انھي ڪري اسان طئي ڪيو تہ روينيو جي ماھرن جي حوالي سان اھو معاملو ڪيو ويندو ۽ انھن ۾ ھڪ منھنجو امين بہ شامل ھوندو اھي زمين جي ڪاغذن جي شفاف جاچ پڙتال ڪندا جيڪڏھن زمين لغاري نوابن جي نڪتي تہ پوءِ زردارين حوالي ڪئي ويندي ڇو تہ انھن جو چوڻ آھي زردارين اھا زمين لغارين جي نوابن کان خريد ڪئي ھئي جيڪڏھن ڀنڊن جو موقف ثابت ٿيو تہ زمين انھن حوالي ڪئي ويندي ان لاءِ 15 ڏينھن جو وقت ورتو ويو آھي، ڀنڊ ڌر جي مکيہ امين سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌيون ويون آخر ڪار اھو نتيجو  ڪڍيو ويو تہ زمين جي اصل روينيو رڪارڊ جي چڪاس ڪرائي ويندي 15 ڏينھن تائين زمين روينيو جا عملدار سنڀاليندا ھن چيو تہ ھي معاملو ان صورت ۾ ئي حل ٿيندو جڏھن ٻئي ڌريون اجائي ضد تان ھٽنديون ۽ امين جي فيصلي تي راضي ٿينديون باقي جيڪڏھن ڪا بہ ڌر چاھيندي تہ 100 سيڪڙو زمين کيس ملي تہ پوءِ معاملو حل نہ ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.